نگران حڪومت چئن ئي صوبن جي آءِ جيز ۽ چيف سيڪريٽريز کي تبديل ڪري ڇڏيو

news

اسلام آباد: اربع 13 جون 2018ع: اليڪشن کان اڳ بيوروڪريسي ۾ اعليٰ سطح تي مقررين ۽ بدلين ۾ چئن ئي صوبن جي آءِ جيز ۽ چيف سيڪريٽريز کي تبديل ڪيو ويو.

نگران وزيراعظم جسٽس (ر) ناصر الملڪ جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ اعليٰ سطح تي انهن مقررين ۽ بدلين جي منظوري ڏني وئي.

وفاقي ڪابينا جي اجلاس کان اڳ نگران وزيراعظم ۽ چئن ئي صوبن جي وڏن وزيرن وچ ۾ ملاقات به ٿي جنهن ۾ سٺي شهرت رکندڙ آفيسرن جي مقررين تي اتفاق ڪيو ويو.

وفاقي ڪابينا جي منظوري کانپوءِ بيوروڪريسي ۾ اعليٰ سطح تي مقررين ۽ بدلين جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.

نوٽيفڪيشن موجب آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا جي جاءِ تي امجد سليمي کي نئون آءِ جي لڳائڻ جي منظوري ڏني وئي آهي، امجد سليمي هن وقت موٽر وي پوليس سربراهه جي طور تي فرض انجام ڏئي رهيو آهي.

پنجاب ۾ عارف نواز جي جاءِ تي ڪليم امام کي آءِ جي مقرر ڪيو ويو آهي، خيبرپختونخواهه ۾ صلاح الدين محسود جي بدلي ڪري محمد طاهر کي نئون آءِ جي مقرر ڪيو ويو آهي جڏهن ته آءِ جي بلوچستان معظم جاهه انصاري جي جاءِ تي محسن بٽ کي صوبي جو پوليس سربراهه لڳايو ويو آهي.

ان کان علاوه جودت اياز کي وفاقي گادي واري هنڌ اسلام آباد جو چيف ڪمشنر ۽ جان محمد کي آءِ جي اسلام آباد لڳايو ويو آهي. نوٽيفڪيشن موجب پنجاب ۾ ايڊيشنل هوم سيڪريٽري جون ذميواريون انجام ڏيندڙ اعظم سلمان چيف سيڪريٽري سنڌ مقرر ڪيو ويو آهي ۽ وفاقي سيڪريٽري اڪبر دراني کي پنجاب جو چيف سيڪريٽري لڳايو ويو آهي.

نويد ڪامران بلوچ چيف سيڪريٽري خيبرپختونخواهه هوندو جڏهن ته ڊاڪٽر اختر نذير کي بلوچستان جو چيف سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي.