حيدرآباد ۾ پورهيت جو سرتاج گڊس ڪمپني انتظاميا خلاف احتجاج

news

حيدرآباد:اربع 13 جون 2018: حيدرآباد جي علي آباد ڪالوني جي رهواسي گڊس ڪمپني تي ڪم ڪندڙ پورهيت پاران اجورو نه ملڻ ۽ نوڪري مان زبردستي ڪڍي ڇڏڻ خلاف حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪري پاڻ تي ڇري جا وار ڪري خودڪشي جي ڪوشش ڪئي، جنهن کي موقعي تي بيٺل پوليس اهلڪارن ڇري کسي بچائي ورتو.
ان موقعي تي پورهيت سومار سولنگي دانهيندي چيوته هو سرتاج گڊس ڪمپني حيدرآباد ۾ گذريل ڪيتري عرصي کان محنت مزدوري ڪري ٻچن جو پيٽ گذرسفر ڪندو آهي. جڏهن ته گڊس ڪمپني جي مالڪ ۽ انتظاميا بنا جواز جي نوڪري مان ڪڍي بي روزگار ڪري ڇڏيو آهي.

هن چيوته پگهارون نه ملڻ سبب هو پنهنجي ٻارن ۽ گهر ڀاتين کي عيد جي خريداري ته پري جي ڳالهه پر سندس وٽ ٻه ويلا ماني لاءِ به پئسا ناهن. هن چيوته کيس 7 ٻارن جي اولاد آهي. هن مطالبو ڪيو ته اجوري جا رهيل پئسا ڏئي نوڪري تي بحال ڪيو وڃي.01