حيدرآباد:اربع 13 جون 2018: حيدرآباد جي فرسٽ ايڊيشنل سيشن ڪورٽ جي جج سيد خليل انور جعفري جي عدالت ۾ پوليس اسٽيشن اي سيڪشن تي داخل بنا لائسنس جي هٿيار رکڻ جي ڪيس ۾ ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي عدالت الزام هيٺ آيل جوابدارن بلال احمد ۽ محمود علي کي باعزت بري ڪري ڇڏيو.
جڏهن ته ساڳي عدالت ۾ پوليس اسٽيشن سٽي تي داخل منشيات رکڻ جي ڪيس ۾ ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي عدالت الزام هيٺ آيل جوابدار اسد لاڙڪ کي باعزت بري ڪري ڇڏيو.
ٻئي پاسي يدرآباد جي ڊسٽرڪٽ سيشن ڪورٽ جي جج عبدالغني سومرو جي عدالت ۾ پوليس اسٽيشن ٽنڊو ڄام تي داخل منشيات رکڻ جي ڪيس ۾ ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي عدالت الزام هيٺ آيل جوابدار تاج محمد چانڊيو کي باعزت بري ڪري ڇڏيو.
هوڏانهن حيدرآباد جي ٿرڊ سول جوديشنل مئجسٽريٽ ڪورٽ جي جج وجاهت سعيد جي عدالت ۾ پوليس اسٽيشن نسيم نگر تي داخل چوري جي ڪيس ۾ گرفتار جوابدار علي محمد ٻرڙو جي وڪيل ڊاڪٽر امتياز علي عباسي معرفت داخل ضمانت جي داخل درخواست 30 هزار رپين جي مچلڪن تي منظور ڪري ورتي.01