سکر ۾ هڪ قومي ۽ ٻن صوبائي سيٽن تي نامزدگي فارمن جي ڇنڊ ڇاڻ جاري

news

سکر:اربع 13 جون 2018: سکر ڊسٽرڪٽ ڪورٽس۾  هڪ قومي ۽ ٻن صوبائي سيٽن تي جمع ڪرايل نامزدگي فارمن جي ڇنڊ ڇاڻ جاري آھي.

ٻئي ڏينهن تي قومي اسيمبلي جي اين اي 207 تي نامزدگي فارم جمع ڪرائيندڙ 17 اميدوارن جي ڪاغذن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي وئي، جن مان 16 اميدوارن جا فارم منظور ۽ هڪ جو رد ڪيو ويو. فارم منظور  ٿيندڙن ۾ پيپلزپارٽي اڳواڻ نعمان اسلام شيخ، تحريڪ انصاف اڳواڻ مبين جتوئي، جي يو آءِ جي آغا ايوب، ايم ڪيو ايم جو شوڪت ڏهر ۽ تبديلي پسند پارٽي جي وزير علي مهر سميت ٻيا اميدوار شامل آهن.

جڏهن ته صوبائي اسيمبلي جي تڪ 24 تي 27 اميدوارن جي نامزدگي فارم جي ڇنڊ ڇاڻ ٿي جن مان 18 اميداورن جا فارم منظور ۽ 9 اميدوارن جا فارم رد ڪيا ويا.

نامزدگي فارم منظور ٿيندڙن ۾ سيد فرخ شاهه، سيد زيرڪ شاهه، جي يو آءِ  اڳواڻ سعود افضل هاليجوي، تبديلي پسند پارٽي جي علي شير مهر، تحريڪ انصاف ۽ ٻين پارٽين جا اميدوار شامل آهن.

جڏهن ته صوبائي اسيمبلي جي تڪ پي ايس 25 تي 21  فارمن جي ڇنڊ ڇاڻ ٿي جن مان ن ليگ جي اميدوار خورشيد ميراڻي سميت ٽن اميدوارن جا نامزدگي فارم رد ڪيا ويا آهن، جڏهن ته جي يو آءِ جي محمد صالح انڍڙ، ايم ڪيو ايم جي نسيم هاشمي، تحريڪ انصاف سميت 18 اميدوارن جا نامزدگي فارم منظورڪيا ويا آهن.01