آل پاڪستان مسلم ليگ جي ترجمان جو يوٽرن، مشرف جي اڄ ڏيهه واپسي وارو اعلان واپس

news

 لاهور: خميس 14 جون 2018ع: آل پاڪستان مسلم ليگ جي ترجمان ڊاڪٽر امجد يوٽرن وٺندي اڳوڻي صدر پرويز مشرف جي اڄ ڏيهه واپسي وارو اعلان 5 ڪلاڪن اندر ئي واپس وٺي ڇڏيو آهي.

ڊاڪٽر امجد جو چوڻ آهي ته پرويز مشرف جي واپسي لاءِ ٽڪيٽ وٺڻ ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن، سندس پاسپورٽ به بلاڪ آهي، ان لاءِ اڄ سندس واپسي جا امڪان تمام گهٽ آهن.