آصف زرداري ۽ عمران خان جي نامزدگي ڪاغذن تي اعتراض

news

 لاهور: خميس 14 جون 2018ع: اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي نامزدگي ڪاغذن تي اعتراض اٿاريا ويا آهن.

نوابشاهه ۾ ٻن درخواستگذارن آصف علي زرداري جي نامزدگي فارم تي اعتراض اٿاريندي چيو آهي ته هن زرعي ٽيڪس ۽ پاڻي جي استعمال جو ٽيڪس ادا ناهي ڪيو، ان لاءِ کيس اليڪشن لاءِ نااهل قرار ڏنو وڃي. هڪ درخواستگذار موقف اختيار ڪيو آهي ته آصف زرداري سانگهڙ ۾ 1500 ايڪڙ زمين خريد ڪئي پر ان تي زرعي ٽيڪس ناهي ڏنو.

رٽرننگ آفيسر محمد محبوب اعواڻ درخواستون ٻڌندي آصف علي زرداري کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي، درخواستن تي ٻڌڻي 18 جون تي  ٿيندي.

ياد رهي ته آصف علي زرداري قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 213 شهيد بينظير آباد تي نامزدگي فارم جمع ڪرايو آهي، جڏهن ته سندس مقابلي ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي ڪاغذ جمع ڪرايا آهن.

ٻئي پاسي پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جا اين اي 131 لاهور تي جمع ڪرايل نامزدگي ڪاغذن تي جسٽس اينڊ ڊيموڪريٽڪ پارٽي پاران اعتراض اٿاريا ويا آهن، رٽرننگ آفيسر عمران خان کي 18 جون تي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو آهي.