جهل مگسي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ پيءُ هٿان ڌيءُ ۽ نوجوان قتل

news

 جهل مگسي: خميس 14 جون 2018ع: جهل مگسي گنداوا واري علائقي ۾ پيءُ ڪارنهن جي الزام ۾ فائرنگ ڪري پنهنجي ڌيءُ ۽ هڪ شخص کي قتل ڪري ڇڏيو.

ليويز مطابق ڳوٺ محمد علي ۾ جوابدار محمد خان پنهنجي ڌيءُ ۽ هڪ شخص کي ڪارنهن جي الزام ۾ گوليون هڻي قتل ڪيو ۽ فرار ٿي ويو.

ليويز اطلاع تي پهچي لاشن کي فوري طور مقامي اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائيءَ بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا، ان سلسلي ۾ جوابدار جي ڳولا شروع ڪئي وئي آهي.