ڪوئيٽا: خميس 14 جون 2018ع: ڪوئيٽا ۾ مختلف واقعن دوران ٻه ڄڻا فوت ۽ پنج زخمي ٿي پيا آهن.
ڪوئيٽا ۾ اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ ۾ محمد نعيم نالي شخص مارجي ويو، جوابدار واقعي واري هنڌ تان فرار ٿي ويا. پوليس اطلاع تي پهچي لاش اسپتال منتقل ڪري ضروري ڪارروائيءَ بعد وارثن جي حوالي ڪيو، جڏهن ته جوابدارن جي ڳولا شروع ڪئي وئي آهي.
ڪوئيٽا جي سوراب واري علائقي ۾ قومي شاهراهه تي تيز رفتار ڪار ڊائيور جي ڪنٽرول مان نِڪري اونڌي ٿي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ عورت فوت ۽ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا. جڏهن ته ڪوئيٽا جي علمدار روڊ تي گهڻو اڻبڻت تان فائرنگ ۾ هڪ ڇوڪري زخمي ٿي پئي. پوليس موجب گهرو اڻبڻت تان ذڪيه نالي ڇوڪريءَ کي فائرنگ ڪري زخمي ڪيو ويو، جنهن کي فوري طور سول اسپتال پهچايو ويو. وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.
بلوچستان جي علائقي سبي ۾ قومي شاهراهه تي تيز رفتار ٽرڪ ۽ ڊاٽسن وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ 2 ماڻهو زخمي ٿي پيا. پوليس واقعي واري هنڌ پهچي زخمين کي مقامي اسپتال منتقل ڪيو، زخمين جي سُڃاڻپ ڪمال خان ۽ گل بهار ٿي آهي.