خضدار ڀرسان مسافر ڪوچ ڪلٽي، چار ڄڻا فوت، ويهه زخمي

news

 خضدار: جمعو 15 جون 2018ع: خضدار ڀرسان مسافر ڪوچ ٻي گاڏي سان ٽڪرائجڻ بعد ڪلٽي ٿي پئي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ عورت سميت 4 ڄڻا فوت ۽ 20 زخمي ٿي پيا آهن.

رپورٽن مطابق ڪوئيٽا کان ڪراچي ويندڙ مسافر ڪوچ ۽ هڪ ٻي گاڏي وچ ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنهن سبب ڪوچ ڪلٽي ٿي پئي، نتيجي ۾ هڪ عورت سميت 4 مسافر فوت ٿي ويا، جڏهن ته 20 ڄڻا زخمي ٿي پيا. امدادي ٽيمن پهچي فوتين جا لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو.

ٻڌايو پيو وڃي ته ڪوچ ۾ سوار ماڻهو عيد ملهائڻ لاءِ پنهنجي اباڻن علائقن ڏانهن وڃي رهيا هئا ته ساڻن حادثو پيش آيو.