ڪوهاٽ ڀرسان حادثو، چار ڄڻا فوت، يارنهن زخمي

news

 ڪوهاٽ: جمعو 15 جون 2018ع: ڪوهاٽ ڀرسان حادثي جي نتيجي ۾ چار ڄڻا فوت ۽ 11 زخمي ٿي پيا آهن.

رپورٽن مطابق تيز رفتار ٽريڪٽر ٽرالي ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري وڻ سان ٽڪرائجي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ ٽريڪٽر ٽرالي ۾ سوار چار ڄڻا موقعي تي ئي فوت ٿي ويا، جڏهن ته 11 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

اطلاع تي امدادي ٽيمن پهچي فوتين جا لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو.