ڪوئيٽا ۾ فائرنگ، ليويز اهلڪار سوڌو ٽي ڄڻا قتل

news

 ڪوئيٽا: ڇنڇر 16 جون 2018ع: سرياب واري علائقي ڪلي بنگلزئي ويجهو ليويز جي گاڏي تي فائرنگ وارو واقعو پيش آيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ليويز اهلڪار سميت 3 ڄڻا قتل ٿي ويا آهن.

پوليس مطابق اڻڄاتل هٿياربندن ليويز جي گاڏي کي نشانو بڻايو ۽ فائرنگ ڪري فرار ٿي ويا. واقعي بعد قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار پهتا ۽ شاهديون گڏ ڪري علائقي ۾ سرچ آپريشن شروع ڪيو.

ايس ايڇ او خليل بگٽي موجب واقعي ۾ شهيد ٿيندڙ ليويز اهلڪار جو تعلق سبي سان هو، جڏهن ته مارجي ويل ٻن ڄڻن جو تعلق ڪوئيٽا سان آهي.