وزيراعظم هائوس پاران گهوٽڪي ضلعي جي غريب مريضن جي علاج لاءِ پنج ڪروڙ رپيا جاري

news

گهوٽڪي: آچر 17 جون 2018:ضلعي گهوٽڪي سان تعلق رکندڙ ڪينسر، هيپاٽائيٽس توڙي جيري جي بيمارين ۾ مبتلا بي پهچ مريضن جي علاج لاءِ ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي سيد اعجاز علي شاهه پاران وزيراعظم هائوس کي سفارش ڪئي وئي هئي ته مريضن جي علاج لاءِ فنڊز جاري ڪيا وڃن.

جنهن تحت وزيراعظم هائوس پاران ضلعي جي 17 مريضن محمد حسن، الطاف احمد، نريش ڪمار، امانت علي، امان الله کوسو، عبدالحميد، اعجاز علي، انتخاب حسين، ڪامران، شاهنواز، شاهه محمد، محمد حسن، اقبال حسين، سيد اختر شاهه، شاهه نواز، آصف علي ۽ عمرالدين جي علاج لاءِ پاڪستان جي مختلف اسپتالن کي تقريبن 5 ڪروڙ 11 لک رپيا جاري ڪيا ويا  آهن، جنهن تحت مريضن جو علاج جاري آهي. 

ان حوالي سان ڊپٽي ڪمشنر جو چوڻ آهي ته ضلعي انتظاميا پاران ڀرپور ڪوششون ڪيون پيون وڃن ته ضلعي جي غريب ۽ بي پهچ مريضن جو علاج ڪرائي سگهجي.

ان سلسلي ۾ ضلعي انتظاميا جي ڪوششن سان وزيراعظم جي پروگرام تحت ضلعي جي 17 مريضن جي علاج لاءِ فنڊز جاري ٿي ويا آهن. جڏهن ته ڪيترن ئي مريضن جون درخواستون زير عمل هيٺ آهن.01