آشيانا هائوسنگ اسڪينڊل: احد چيما جسماني رمانڊ کانپوءِ جيل حوالي

news

 لاهور: اڱارو 19 جون 2018ع: احتساب عدالت آشيانا هائوسنگ اسڪينڊل ۾ گرفتار اڳوڻي ڊي جي ايل ڊي اي احد چيما ۽ شاهد شفيق کي جڊيشل رمانڊ تي جيل اماڻي ڇڏيو آهي.

لاهور جي احتساب عدالت ۾ آشيانا هائوسنگ اسڪينڊل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن سلسلي ۾ نيب لاهور ڊولپمينٽ اٿارٽي جي اڳوڻي ڊي جي احد چيما ۽ بسم الله ڪنسٽريشن جي چيف ايگزيڪيوٽو شاهد شفيق کي سخت سيڪيورٽي ۾ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. نيب احتساب عدالت جي جج سيد نجم الحسن سامهون موقف ڄاڻايو ته احد چيما کي 21 فيبروري تي گرفتار ڪيو ويو ۽ جوابدار شاهد شفيق کي پنجاب لينڊ ڊولپمينٽ ڪمپني جاچ دوران گرفتار ڪيو ويو، جوابدار شاهد شفيق جي ملڪيت بسم الله انجنيئرنگ سروسز ۽ پيراگون سٽي ذيلي ڪمپني آهي.

نيب عملدارن عدالت کي ٻڌايو ته پنجاب لينڊ ڊولپمينٽ ڪمپني 20 جنوري 2015ع تي معاهدو ڪيو، 16 هزار شهرين آشيانا اقبال لاءِ 61 ڪروڙ جمع ڪرايا پر 3 سال گذرڻ باوجود منصوبو مڪمل نه ٿيو. نيب عملدارن ٻڌايو ته احد چيما 14 ارب رپين جي منصوبي جو ٺيڪو لاهور ڪاسا ڪمپني کي ڏنو، ڪاسا ۽ بسم الله انجنيئرنگ سروسز، اسپارڪر ۽ چائنا گروپ جو گڏيل نظام آهي، ڪمپنين کي 15 ڪروڙ کان وڌيڪ رقم جو معاهدو ڏنو ويو، جيڪو غيرقانوني آهي، ڪمپنين جي نااهلي سان حڪومت کي 64 ڪروڙ 50 لک کان وڌيڪ نقصان ٿيو، بسم الله انجنيئرنگ سروسز، پيراگون سٽي جي ملڪيت آهي.

احتساب عدالت نيب جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ احد چيما کي 90 ڏينهن جي جسماني رمانڊ ۽ شاهد شفيق کي 87 ڏينهن جي جسماني رمانڊ کانپوءِ جڊيشل رمانڊ تي جيل اماڻي ڇڏيو.