ڊبليو ايڇ او ڊجيٽل ۽ وڊيو گيمز جي عادت کي ذهني مرضن جي فهرست ۾ شامل ڪري ڇڏيو

news

 نئين دهلي: اڱارو 19 جون 2018ع:  صحت جي عالمي اداري ڊجيٽل ۽ وڊيو گيمز جي عادت کي ذهني مرضن جي فهرست ۾ شامل ڪري ڇڏيو.

ڊبليو ايڇ او طرفان جاري ڪيل نئين رپورٽ انٽرنيشنل ڪلاسيفڪيشن آف ڊزيز (آءِ سي ڊي) ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ”گيمنگ ڊس آرڊر“ ۾ مبتلا ماڻهن جي ٻين ضروري سرگرمين ۾ دلچسپي ختم ٿي ويندي آهي. اهي ماڻهو روزانو ڏهه کان چوڏهن ڪلاڪ گيمز کيڏڻ ۾ گذاريندا آهن.

رپورٽ جاري ڪرڻ جو مقصد ان مرض ۾ مبتلا ماڻهن کي علاج معالج جون ضروري سهولتون فراهم ڪرڻ آهي. ان مرض ۾ مبتلا ماڻهو جي نه صرف خانداني، سماجي، تعليمي، ۽ ملازمت سان لاڳاپيل سرگرمين تي ناڪاري اثر پوندا آهن. اهڙن ماڻهن جا پنهنجي مٽن مائٽن ۽ دوستن سان به لاڳاپا متاثر ٿيندا آهن ۽ وڏن ۽ ٻارن وچ ۾ ويڇا وڌي ويندا آهن.

موبائيل ۽ ڪمپيوٽر اسڪرين جي سامهون وڌيڪ وقت گذارڻ جي نتيجي ۾ اسڪرينز مان نڪرندڙ تابڪاري به انسانن لاءِ نقصانده آهي.