نيب ريفرنسز: نوازشريف ۽ مريم نواز کي حاضري کان چئن ڏينهن جي ڇوٽ ملي وئي

news

 اسلام آباد: اڱارو 19 جون 2018ع:  اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ شريف خاندان خلاف ايون فيلڊ، العزيزيه اسٽيل ملز ۽ فليگ شپ انويسٽمينٽ ريفرنسز جي ٻڌڻي دوران نوازشريف ۽ مريم نواز کي حاضري کان چئن ڏينهن جي ڇوٽ ملي وئي آهي.

نوازشريف مريم نواز سان گڏ پنهنجي زال بيگم ڪلثوم نواز جي عيادت لاءِ لنڊن ۾ موجود آهي جيڪا وينٽي ليٽر تي آهي ۽ سندس ڳڻتي جوڳي حالت آهي. اڱاري تي احتساب عدالت جي جج محمد شبير شريف خاندان خلاف نيب ريفرنس جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران نوازشريف ۽ مريم نواز پاران حاضري کان ستن ڏينهن جي ڇوٽ جي درخواست داخل ڪئي وئي، جڏهن ته عدالت چئن ڏينهن جي ڇوٽ منظور ڪئي.