اليڪشن ڪميشن ۾ ڪيترائي اهم عهدا خالي هجڻ ڪري عام چونڊن جا معاملا متاثر ٿيڻ جو خدشو

news

 اسلام آباد: اڱارو 19 جون 2018ع: اليڪشن ڪميشن ۾ ڪيترائي اهم عهدا خالي هجڻ ڪري عام چونڊن جا معاملا متاثر ٿيڻ جو خدشو پيدا ٿي ويو آهي.

خانگي ٽي وي موجب عام چونڊن ۾ رڳو 5 هفتا رهجي ويا آهن، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ صاف شفاف ۽ غيرجانبدار اليڪشن جي اهتمام جي ذميدار اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کي آفيسرن جي کوٽ کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، جنهن سبب اليڪشن معاملا متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي.

ذريعن موجب ماضي ۾ ترقيون نه ڏيڻ سان آفيسرن جو بحران پيدا ٿيو، ٻن صوبائي اليڪشن ڪمشنر سميت ڪيترائي اهم عهدا وقتي آفيسرن سان هلايا پيا وڃن، هن وقت ٻه ايڊيشنل سيڪريٽريز، 3 ڊائريڪٽر جنرلز، 3 ايڊيشنل ڊائريڪٽر جنرلز، 3 ڊائريڪٽرز ۽ 7 ريجنل اليڪشن ڪمشنر سميت گريڊ 18 کان 21 جون ڪيتريون ئي پوسٽون خالي آهن.

ڊاڪٽر اختر نذير جي چيف سيڪريٽري بلوچستان مقرر ٿيڻ سان ايڊيشنل سيڪريٽري جو عهدو خالي ٿيو، ظفر اقبال ملڪ کي صوبائي اليڪشن ڪمشنر پنجاب لڳائڻ سان ايڊيشنل سيڪريٽري ٽريننگ جو عهدو خالي ٿيو آهي. ٻئي پاسي اليڪشن ڪميشن جي ترجمان نديم قاسم انتظامي بحران جي تصديق ڪئي آهي. هن چيو ته ان بحران سان عام چونڊون متاثر نه ٿينديون.