سي پيڪ سان پاڪستان ريلويز لاءِ ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ جا موقعا پيدا ٿيا آهن: ناصر الملڪ

news

 اسلام آباد: اڱارو 19 جون 2018ع:  نگران وزيراعظم جسٽس (ر) ناصرالملڪ پاڪستان ۽ گڏيل عرب اماراتن جي وچ ۾ واپاري ڪاٿي ۾ اضافي تي اطمينان جو اظهار ڪندي امارات جي ڪمپنين کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني آهي. هن اها ڳالهه يو اي اي جي سفير عبيد ابراهيم سالم الزابي سان ڳالهائيندي چئي جنهن ساڻس وزيراعظم آفيس ۾ خيرسگالي ملاقات ڪئي.

سفير نگران وزيراعظم جسٽس (ر) ناصرالملڪ کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته اهو پاڪستان جي جمهوري تبديلي جي سفر ۾ هڪ اهم سنگ ميل آهي. هن چيو ته يو اي اي پاڪستان سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ موجوده ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته پاڪستان پنهنجي ڀرپور صلاحيت جي اظهار لاءِ ايڪسپو 2020ع جي پليٽ فارم کي استعمال ۾ آڻيندو. وزيراعظم اقتصادي ترقي، سماجي ڀلائي ۽ انساني همدردي جي مدد ۾ پاڪستان جي مسلسل حمايت تي يو اي اي کي ساراهيو. هن چيو ته پاڪستان جي عوام مرحوم شيخ زيد جي خدمتن جو اعتراف ڪري ٿي ۽ کيس انتهائي احترام جي نگاهه سان ڏسي ٿي، کيس پاڪستان جي هڪ عظيم دوست ۽ معاون طور سدائين ياد رکيو ويندو. وزيراعظم سفير کي خاطري ڪرائي ته پاڪستان ايڪسپو 2020ع ۾ انتهائي سرگرمين سان حصو وٺندو ۽ ان جي ڪاميابي لاءِ نيڪ خواهشون پهچايون. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته نگران حڪومت پاڪستان ۾ جمهوريت جي وڌيڪ فروغ لاءِ آزاداڻي، منصفاڻي ۽ وقت سر چونڊن کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي. هن يو اي اي جي قيادت جي لاءِ نيڪ خواهشون پڻ پهچايون.

انساني حقن واري وزارت هڪ جهڙي قومي انساني حقن جي بيانيي جي تياري جي ضرورت تي زور ڏيندي سمورين لاڳاپيل وزارتن ۽ صوبائي حڪومتن جي نمائندگي سان گڏ هڪ خصوصي ڪميٽي جوڙڻ ۽ اهم پاڪستاني مشنز ۾ انساني حقن جا آفيسر مقرر ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي آهي. اهي تجويزون نگران وزيراعظم جسٽس (ر) ناصرالملڪ جي صدارت ۾ اڱاري ڏينهن انساني حقن واري وزارت بابت بريفنگ ۾ پيش ڪيون ويون. بريفنگ دوران وزيراعظم کي انساني حقن واري وزارت جي معاملن، انساني حقن جي تحفظ ۽ فروغ ۾ ان جي ڪردار ۽ ان ڏس ۾ پاڪستان جي عالمي ذميوارين جي پاسداري بابت تفصيلي آگاهه ڪيو ويو. بريفنگ ۾ انساني حقن واري وزير روشن خورشيد بروچه، انساني حقن واري ڊويزن جي سيڪريٽري رابعه جويري آغا، وزيراعظم جي ايڊيشنل سيڪريٽري ڊاڪٽر ڪاظم نياز ۽ انساني حقن واري وزارت جي سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي. انساني حقن واري سيڪريٽري وزيراعظم کي ملڪ ۾ انساني حقن جي تحفظ لاءِ قانون لاڳو ڪرڻ بابت آگاهه ڪيو. هن انساني حقن جي مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ وفاقي حڪومت ۽ صوبائي حڪومتن جي وچ ۾ بين الاداراجاتي رابطن جي اهميت کي پڻ اجاگر ڪيو. هڪ جهڙي قومي انساني حقن جي بيانيي جي تياري جي ضرورت تي زور ڏيندي اها تجويز ڏني ته ان ڏس ۾ انساني حقن واري وزارت جي سهولت لاءِ سمورين لاڳاپيل وزارتن ۽ صوبائي حڪومتن جي نمائندگي سان هڪ خصوصي ڪميٽي جوڙي وڃي جڏهن ته اسٽريٽجڪ جاين تي پاڪستاني مشنز ۾ انساني حقن جا آفيسر مقرر ڪرڻ جي پڻ تجويز پيش ڪئي وئي ته جيئن انساني حقن بابت مسئلن تي عالمي خدشن جو ازالو ٿئي ۽ پاڪستان جي عالمي معاهدن جي حوالي سان ذميوارين کي هم آهنگ ڪري سگهجي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته وزارت جي تجويزن ۽ سفارشن کي ڪابينا ۾ غور لاءِ پيش ڪيو وڃي.

نگران وزيراعظم جسٽس (ر) ناصرالملڪ پاڪستان ريلويز جي بزنس پلان کي ساراهيندي چيو آهي ته سي پيڪ پراجيڪٽ اچڻ سان پاڪستان ريلويز جي لاءِ پنهنجي ڪارڪردگي کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ ۽ خدمتن جو معيار بهتر بڻائي مسافر ۽ مال بردار ٽرانسپورٽيشن ۾ پنهنجو حصو وڌائڻ جا وڏا موقعا پيدا ٿيا آهن، ريلويز جي مسئلن تي ضابطو آڻڻ جي حوالي سان حڪمت عملي تيار ڪئي وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڱاري ڏينهن وزيراعظم آفيس ۾ پاڪستان ريلويز جي ڪارڪردگي بابت بريفنگ اجلاس ۾ ڪيو. ان موقعي تي ريلوي وارو وزير روشن خورشيد، وزيراعظم جو سيڪريٽري سهيل عامر، ريلويز وارو سيڪريٽري محمد جاويد انور ۽ وزارت جا سينيئر عملدار پڻ موجود هئا. وزيراعظم کي ريلويز جي تنظيمي ڍانچي، ريل نيٽ ورڪ، ادارن جي ڪارڪردگي ۽ ريلويز شعبي ۾ نيشنل ويزن 2025ع تحت مستقبل جي ترقياتي حڪمت عملي بابت آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم کي ريلويز جي نئين بزنس پلانس ۽ مال بردار ۽ مسافر ٽرانسپورٽ جي شعبي ۾ مختلف قدمن بابت ٻڌايو ويو.

ان موقعي تي ٻڌايو ويو ته صحيح حڪمت عملي تحت ريلويز جي مسافر سروس جو حصو جيڪو 2013ع ۾ 13 سيڪڙو هو 2017ع ۾ وڌي 31 سيڪڙو ٿي ويو آهي. پاڪستان ريلويز کي 18 – 2017ع ۾ 50 ارب رپين جي آمدني ٿي جيڪا 12 – 2011ع ۾ 5.5 ارب رپيا هئي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ڪراچي کان حويليان مين لائين – 1 (ايم ايل – 1) پراجيڪٽ کي سي پيڪ تحت اپ گريڊ ڪيو پيو وڃي. ايم ايل – 2 (ڪوٽڙي کان اٽڪ) پراجيڪٽ جي پڻ فزيبلٽي اسٽڊي تيار ڪئي وئي آهي. اهڙي طرح ايم ايل – 2 (گوادر – بسمه – جيڪب آباد ۽ بسمه – ڪوٽلا ڄام) منصوبن جي فزيبلٽي اسٽڊيز پڻ تياري جي مرحلن ۾ آهن. وزيراعظم کي پينشن جي مد ۾ ريلويز ڏانهن رهتون جيڪي ان جي مجموعي خرچن جو 34 سيڪڙو آهن سميت درپيش مختلف مسئلن بابت پڻ ٻڌايو ويو.

وزيراعظم پاڪستان ريلويز جي ڪارڪردگي خاص طور تي بزنس پلان تحت مختلف قدمن کي ساراهيو. هن چيو ته سي پيڪ پراجيڪٽ اچڻ سان پاڪستان ريلويز جي لاءِ پنهنجي ڪارڪردگي کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ ۽ خدمتن جو معيار بهتر بڻائي مسافر ۽ مال بردار ٽرانسپورٽيشن ۾ پنهنجو حصو وڌائڻ جا وڏا موقعا پيدا ٿيا آهن. هن  پاڪستان ريلويز جي بحالي ۽ پائيداريت لاءِ رخ کي صحيح قرار ڏيندي هدايت ڪئي ته ايندڙ چونڊيل حڪومت جي غور هيٺ آڻڻ لاءِ درپيش مسئلن تي ضابطو آڻڻ جي حوالي سان ٺوس حڪمت عملي تيار ڪئي وڃي.