ڳيريلو ۾ ملاح برادري پاران پ پ ڇڏي انڙ گروپ ۾ شموليت جو اعلان

news

ڳيريلو:اڱارو 19 جون 2018: يونين ڪائونسل بگي جي ڳوٺ امام بخش ملاح جي ملاح برادري نيڪ مردن امام علي ملاح غلام نبي ملاح جي اڳواڻي ۾ برادري سميت پيپلز پارٽي کي  الوداع ڪري انڙ گروپ جي سرواڻ عدنان الطاف انڙ جي موجودگي ۾ انڙ گروپ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو آهي.

ان موقعي تي ملاح برادري جي نيڪ مردن صحافين سان ڳالهائيندي چيوته گذريل ڪيترن ئي سالن کان پيپلزپارٽي سان سلهاڙيل رهياسين پر ڪابه گهربل عزت نه ملي، نه ئي ڪي ڪم ڪار ٿيا، جنهن ڪري مايوس ٿي پيپلزپارٽي کي الوداع ڪري انڙ گروپ جي سرواڻ عادل الطاف خان اانڙ ۽ عدنان الطاف خان انڙ جي اخلاق ۽ عوامي خدمت کان متاثر ٿي انڙ گروپ ۾ شموليت جو اعلان ڪيون ٿا، هاڻي اسان جو جئيڻ مرڻ انڙ گروپ سان آهي.

هوڏانهن انڙ گروپ اڳواڻ عدنان الطاف انڙ گڏجاڻي کي خطاب ڪندي چيو ته آئون ملاح برادري کي انڙ گروپ ۾ شموليت تي ڀليڪار ڪيان ٿو، ملاح برادري سان ووٽ وارو نه پر ڀائپي وارو رستو اڄ کان نه پر گذريل ٽيهن سالن کان قائم دائم آهي ۽ انشاالله اڳتي به رهندو.
هن وڌيڪ چيو ته انڙ هائوس علي آباد جا دروازا ڏوڪري باقراڻي لاءِ چوويهه ڪلاڪ کليل آهن، پنهنجي ماڻهن سان هر ڏک سک ۾ گڏ آهيون، پنهنجي ماڻهن کي ڪڏهن به اڪيلو ناهي ڇڏيو، ان ڪري ملاح برادري کي يقين ٿو ڏياريا ته ساڻس هر ڏکئي سکئي وقت ۾ گڏ آهيون.01