سوات ڀرسان سياحن جي بس درياهه ۾ ڪري پئي، ڇهه ڄڻا فوت

news

 سوات: اربع 20 جون 2018ع: سوات ۾ سياحن جي بس درياهه ۾ ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 6 ڄڻا فوت ۽ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.

رپورٽن مطابق سوات ۾ ڪالام بحرين روڊ تي ڳوٺ راميچ ويجهو سياحن جي بس سوات درياهه ۾ ڪري پئي. حادثي ۾ گاڏي ۾ سوار 11 ڄڻا درياهه ۾ ٻڏي ويا. سياح بونير کان ڪالام وڃي رهيا هئا. واقعي کانپوءِ امدادي ٽيمن ۽ مقامي ماڻهن درياهه مان 6 ڄڻن جا لاش ڪڍيا، جڏهن ته ٽن ڄڻن کي زخمي حالت ۾ ڪڍيو ويو. ٻڏي ويندڙ ٻن سياحن جي ڳولا اڃا جاري آهي.

فوت ٿيندڙن جو تعلق بونير سان آهي، جڏهن ته هڪ ڄڻي جو تعلق پنجاب سان آهي. فوت ٿيندڙن جي سڃاڻپ فضل رحمان، محمد علي، خان محمد ۽ شير خان طور ٿي آهي.