فيصل آباد ڀرسان مخالفن جي فائرنگ ۾ ايم پي اي جو اميدوار قتل

news

 فيصل آباد: اربع 20 جون 2018ع: فيصل آباد ۾ اليڪشن مهم دوران ايم پي اي جي اميدوار کي مخالفن فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو آهي.

رپورٽن مطابق فيصل آباد جي ٿاڻي نشاط آباد واري علائقي ۾ چونڊ مهم دوران ايم پي اي جي اميدوار وقار احمد واهلا کي سياسي مخالفن فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو.

وقار احمد پي پي 109 تان ايم پي اي جو اميدوار هو ۽ ان جو تعلق عام آدمي پارٽي سان هو.