مانسهرا ۾ جيپ کاهي اندر ڪري پئي، هڪ ئي ڪٽنب جا يارنهن ڄڻا فوت

news

 مانسهرا: اربع 20 جون 2018ع: مانسهرا جي علائقي سچا بيلا ويجهو جيپ کاهي اندر ڪرڻ جي نتيجي ۾ هڪ ئي ڪٽنب جا 11 ڀاتي فوت ٿي ويا آهن.

رپورٽن مطابق مانسهرا ويجهو تيز رفتار جيپ کاهي اندر ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ئي ڪٽنب جا 11 ڀاتي فوت ۽ 2 زخمي ٿي پيا.

پوليس مطابق فوت ٿيندڙن ۾ 6 عورتون ۽ 3 ٻارڙا به شامل آهن. امدادي ٽيمن پهچي فوتين جا لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو.