اين اي ٽيونجاهه، عمران خان جي اپيل تي رٽرننگ آفيسر کي نوٽيس جاري، ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي

news

اسلام آباد: خميس 21 جون 2018ع: عام چونڊن جي سلسلي ۾ اسلام آباد جي تڪ اين اي 53 تان پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جا نامزدگي ڪاغذ رد ٿيڻ جي خلاف اپيل تي ٻڌڻي جي دوران اسلام آباد هاءِڪ ورٽ جي اپيليٽ ٽربيونل رٽرننگ آفيسر کي نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

ياد رهي ته جسٽس اينڊ ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي اميدوار عبدالوهاب طرفان عمران خان خلاف اعتراض رٽرننگ آفيسر کي جمع ڪرايا ويا هئا، جنهن تي ٻنهي ڌرين جي وڪيلن طرفان دليل مڪمل ٿيڻ کانپوءِ رٽرننگ آفيسر 19 جون تي فيصلو ٻڌايو ۽ حلفي بيان جي شق اين جي تحت طئه ٿيل طريقيڪار موجب نه هجڻ تي پي ٽي آءِ چيئرمين جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا ويا.

رٽرننگ آفيسر جي فيصلي جي خلاف عمران خان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي اپيليٽ ٽربيونل ۾ اپيل داخل ڪئي هئي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محسن اختر ڪياني اڄ عمران خان جي اپيل تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان طرفان وڪيل بابر اعواڻ عدالت ۾ پيش ٿيو.

بابر اعواڻ عدالت جي آڏو دليل ڏيندي چيو ته عمران خان پاڪستان طرفان سڀ کان وڏي سياسي پارٽي جو چيئرمين آهي، جيڪو عوام جي بنيادي حقن لاءِ جدوجهد ڪري رهيو آهي.

بابر اعواڻ عدالت کي ٻڌايو ته عمران خان اين اي 53 تان چونڊون وڙهڻ لاءِ ڪاغذ جمع ڪرايا، 19 جون تي ان جي نامزدگي ڪاغذن جي جاچ ڪئي وئي ۽ ڪمزور بنياد تي ان جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا ويا.