بچاءُ واري وزارت عام چونڊن ۾ ساڍا ٽي لک فوجي اهلڪار ڏيڻ لاءِ راضي

news

اسلام آباد: خميس 21 جون 2018ع: بچاءُ واري وزارت اليڪشن ڪميشن جي درخواست تي عام چونڊن لاءِ پاڪ فوج جا ساڍا 3 لک اهلڪار ڏيڻ لاءِ راضي ٿي وئي. ملڪ ۾ 25 جولاءِ تي ٿيندڙ عام چوندن جون تياريون حتمي مرحلن ۾ داخل ٿي چڪيون آهن ۽ اليڪشن ۾ سيڪيورٽي جي حوالي سان اليڪشن ڪميشن بچاءُ واريو زارت کي خط لکي پاڪ فوج جي ساڍا ٽي لک اهلڪارن جون خدمتون طلب ڪيون هيون.

ذريعن موجب بچاءُ واري وزارت اليڪشن ڪميشن جي درخواست جو غير رسمي جواب ڏئي ڇڏيو آهي جنهن ۾ عام چونڊڻ لاءِ ساڍا ٽي لک فوجي اهلڪار ڏيڻ جي ها ڪري ورتي آهي ۽ ان جي لاءِ 2 سالن جي دوران رٽائرڊ ٿيندڙ اهلڪارن کي به گهرايو ويو آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته بچاءُ واري وزارت ٽنهي هٿياربند فوجن جي رٽائرڊ فوجين کي اليڪشن ڊيوٽين جي لاءِ طلب ڪري ورتو آهي ۽ رٽائرڊ جوانن وٽ به مڪمل اختيار هوندا.