ٽينڪرز مافيا مان ڪراچي جي عوام جي جان ڇڏائينداسين: چيف جسٽس

news

ڪراچي: خميس 21 جون 2018ع: چيف جسٽس پاڪستان جسٽس ميان ثاقب نثار پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو آهي ته شهرين کي هر حال ۾ صاف پاڻي ڏيڻو آهي ۽ ٽينڪرز مافيا مان ڪراچي جي عوام جي جان ڇڏائينداسين.

سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ چيف جسٽس پاڪستان جي سربراهي ۾ سنڌ ۾ پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.

ٻڌڻي جي شروعات تي سنڌ واٽر ڪميشن جي رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي وئي جنهن تي عدالت ڪميشن جي ڪارڪردگي کي قابل ستائش قرار ڏيندي رپورٽ تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ ڪميشڻ کي ماهوار ڪارڪردگي رپورٽس پيش ڪرڻ جو به حڪم ڏنو.

پاڻي واري سيڪريٽري عدالت کي ٻڌايو ته منڇر ڍنڍ مان روزانو 300 ملين ڪيوسڪ پاڻي ملي ٿو، چيف جسٽس منڇر ڍنڍ جي صفائي نه ٿيڻ ۽ گندي پاڻي جي خارج ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.

چيف جسٽس پاڻي واري سيڪريٽري کي چيو ته اوهان 14.5 ارب روپين مان هڪ روپيو به خرچ نه ڪيو، سمنڊ جو حال ڏٺو آهي اهو ڏکوئيندڙ آهي، بوتلن ۽ غلاظت جو ڍير آهي، روزانو 450 ملين گيلن سيوريج سمنڊ ۾ وڃي رهيو آهي، 10 سالن کان حڪومت ڪهڙو ڪم ڪيو؟ هاڻ سپريم ڪورٽ پاڻ مانيٽر ڪندي.

جسٽس ثاقب نثار رمارڪس ڏنا ته ٽينڪرز مافيا کان ڪراچي جي عوام جي جان ڇڏائينداسين، ڪراچي جي شهرن کي هر حال ۾ صاف پاڻي ڏيڻو آهي.