يوٽيوب کي شڪست ڏيڻ لاءِ انسٽاگرام جو آءِ جي ٽي وي فيچر متعارف

news

نيويارڪ: خميس 21 جون 2018ع: سوشل ميڊيا جي فوٽو شيئرنگت ايپليڪيشن يوٽيوب جي نقل ڪندي آءِ جي ٽي وي متعارف ڪرايو ڇڏيو، جيڪو هڪ وڊيو چينل فيچر آهي.

سان فرانسسڪو ۾ منعقد هڪ تقريب ۾ انسٽاگرام ڪمپني جي سي اي او ڪيون سسٽروم اعلان ڪيو ته واهپيدارن کي آءِ جي ٽي وي فيچر جي واڌو سهولت فراهم ڪئي پئي وڃي، جنهن جي تحت هو انسٽاگرام تي پنهنجو وڊيو چينل بڻائي سگهن ٿا.

ڪيون سسٽروم جو تقريب ۾ چوڻ هو ته 2010ع ۾ متعارف ڪرائي وئي اها ايپ هاڻ پوري دنيا ۾ مقبول ٿي چڪي آهي، جنهن جا هڪ ارب واهپيدار آهن ۽ اسان جي ڪوشش آهي ته اسان ان وسيلي واهپيدارن کي وڌيڪ سهولتون فراهم ڪندا رهون. هن جو چوڻ هو ته اڄ ڪلهه جا نوجوان 40 سيڪڙو ٽي وي ڏسندا آهن جڏهن ته 60 سيڪڙو موبائل جو استعمال ڪندا آهن ۽ هاڻ انسٽاگرام جي ان نئين فيچر وسيلي هو پنهنجي دلچسپي جا پروگرام ڏسي سگهن ٿا.

هن ٻڌايو ته ان فيچر جي مدد سان واهپيدار ايپ تي صرف هڪ منٽ جي مختصر اسٽور وڊيو اپ لوڊ ڪرڻ جي بدران آساني سان هڪ ڪلاڪ تائين جي وڊيو اپ لوڊ ڪري سگهو ٿا.

آءِ جي ٽي وي فيچر ۾ سموريون وڊيوز ورٽيڪل ڏسي سگهجن ٿيون، جنهن ۾ فل اسڪرين به ٿي سگهي ٿي.

ان فيچر وسيلي پسنديدا چينلز جا پروگرام به ڏسي سگهبا ۽ ان سان گڏوگڏ واهپيدار پاڻ به پنهنجي ڊگهي وڊيو ٺاهي ذاتي چينل لانچ ڪري وڊيوز اپ لوڊ ڪري سگهن ٿا.