نيوزيلينڊ ۾ اصل انساني لاشن جي نمائش، تيرنهن لک روپين جا آڱوٺا چوري

news

ويلنگٽن: خميس 21 جون 2018ع: اصل انساني لاشن جي نمائش مان هڪ شخص انتهائي چالاڪي سان پير جا ٻه آڱوٺا ڪٽي چورائي ويو.

اصل انساني لاشن جي نمائش مان هڪ شخص انتهائي چالاڪي سان پير جا ٻه آڱوٺا ڪٽي چورائي ويو.

پوليس واقعي کانپوءِ شڪي شخص کي گرفتار ڪري ورتو جنهن نمائش ۾ رکيل هڪ لاش جا ٻئي آڱوٺا چورايا هئا ۽ انهن جي قيمت تيرنهن لک روپين کان به وڌيڪ ٻڌائي پئي وڃي.

نيوزيلينڊ هيرالڊ موجب ان شخص تي چوري ۽ اڻڄاتل شخص جي لاش ۾ دخل اندازي ۽ بي حرمتي جا الزام لڳايا ويا آهن.

پهريون ڀيرو ان شخص کي آڪلينڊ جي ڊسٽرڪٽ ڪورٽ ۾ پيش ڪيو يوو جتي ان جي ضمانت ٿي وئي ۽ ان کانپوءِ هو سال جي آخر تائين ويلنگٽن ڊسٽرڪٽ ڪورٽ ۾ ٻيهر پيش ٿيندو.

اصل انساني لاش جي ان عجيب و غريب نمائش جو نالو باڊي ورلڊ وائٽلز هو جيڪا هڪ سفري نمائش هئي ۽ پهريون ڀيرو آڪلينڊ ۾ منعقد ٿي هئي جتان کان لاش جا آڱوٺا چورايا ويا.

1997ع ۾ شروع ٿيندڙ ان نمائش کي پوري دنيا ۾ موڪليو ويندو آهي جتي ميڊيڪل اسڪول ۽ طبي شاگرد ان کي ڏسي ڄاڻ حاصل ڪندا ۽ سکندا آهن.