ڌوني جي گهرواري هٿيار جي لائسنس لاءِ درخواست جمع ڪرائي ڇڏي

news

نئين دلي: خميس 21 جون 2018ع: ڀارتي وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين مهيندر سنگهه ڌوني جي گهرواري ساڪشي پنهنجي جان کي خطري ۾ قرار ڏيندي هٿيار جي لائسنس لاءِ درخواست ڏئي ڇڏي.

ذريعن موجب ساڪشي اختيارين کي ٻڌايو ته ان کي 0.32 بور جي پستول جو لائسنس جاري ڪيو وڃي ڇو ته ڌوني جي ڪرڪيٽ مصروفيتن سبب هوءَ گهڻي قدر گهر ۾ اڪيلي هوندي آهي ۽ ان جي ڪري ان جي حياتي کي خطرو به رهي ٿو.

هن رانچي ڊسٽرڪٽ ميجسٽريٽ آفيس ۾ درخواست جمع ڪرائي جيڪا لاڳاپيل پوليس اسٽيشن ۾ تصديق لاءِ موڪلي وئي وئي آهي.