دپيڪا ۽ رنوير جي شادي جي تاريخ سامهون اچي وئي

news

ممبئي: خميس 21 جون 2018ع: بالي ووڊ جي مشهور اداڪارا دپيڪا پڊوڪون ۽ اداڪار رنوير سنگهه جي شادي جي حوالي سان ڳچ عرصي کان افواهون جاري هيون ۽ هاڻ آخرڪار ٻنهي جي شادي جي تاريخ منظرعام تي اچي وئي آهي.

ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب دپيڪا ۽ رنوير هلندڙ سال 10 نومبر تي شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي ويندا جنهن جي لاءِ تياريون زور شور سان جاري آهن.

رپورٽن موجب ٻنهي جي شادي جي جاءِ بينگلور هوندي يا وري انوشڪا ۽ ويرات جيان شادي اٽلي ۾ ٿيندي ۽ استقباليا تقريب ڀارت ۾ ٿيندي.

دپيڪا ۽ رنوير ان شادي کي پرفيڪٽ ويڊنگ بڻائڻ چاهين ٿا اهو ئي سبب آهي جو شادي جي تاريخ سڀني تيارين جي شروعات ڪرڻ کانپوءِ منظرعام تي آئي آهي.

مداحن طرفان اسٽار جوڙي جي شادي جي تاريخ سامهون ايندي ئي سوشل ميڊيا تي نيڪ خواهشن جو اظهار به ڪيو پيو وڃي.