فلم جي ڪهاڻي ۽ ميوزڪ سان گڏوگڏ ڊائيلاگز تي به توجهه ڏني وڃي: حمائما ملڪ

news

لاهور: خميس 21 جون 2018ع: عالمي شهرت يافتا اداڪارا ۽ ماڊل حمائما ملڪ چيو آهي ته فلم جي ڪهاڻي ۽ ميوزڪ سان گڏوگڏ ڊائيلاگز تي به توجهه ڏيڻ  گهرجي.

ميڊيا سان ڳالهائيندي حمائما ملڪ چيو ته هڪ سٺي ڪهاڻي جي ڊمانڊ لاءِ جيڪڏهن سرمايو لڳايو وڃي ته خراب ڳالهه ناهي، نه ته گهٽ بجيٽ ۾ به سٺي فلم بڻجي سگهي ٿي.

هالي ووڊ ۽ بالي ووڊ ۾ اهڙا ڪيترائي مثال موجود آهن. فلم جي ڪهاڻي، لوڪيشنز ۽ ميوزڪ کان علاوه جيڪڏهن ڊائيلاگ تي به ٿوري توجهه ڏني وڃي ته پوءِ هڪ يا ٻه هفتا نه پر سالن تائين ماڻهن جي ذهنن ۾ رهن ٿيون.

حمائما ملڪ چيو ته اسان وٽ هن وقت سٺيون فلمون ٺهي رهيون آهن ۽ فنڪارن جي پرفارمنس به تمام جاندار آهي پر فلم جي ڪهاڻي ۽ ڊائيلاگ تي اڇان به ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.

هن چيو ته ماضي ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جون گهڻيون ئي اهڙيون فلمون آهن جن جا ڊائيلاگز اسان کي اڄ به ياد آهن.

تمام گهڻا مزاحيه ڊراما انهن ڊائيلاگز تي ٺهي چڪا آهن جنهن سبب هڪ ڊائيلاگ جي اهميت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو.

اداڪارا چيو ته جيستائين ڳالهه پاڪستاني فلمن جي آهي ته هن وقت اسان وٽ جديد سينيما گهر بڻجي چڪا آهن ۽ انهن جي تعداد ۾ واڌ به ٿي رهي آهي.

ٻئي طرف نوجوان فلم ميڪرز جديد ٽيڪنالاجي سان تمام سٺيون فلمون پروڊيوس ڪري رهيا آهن پر انهن ۾ ڪهاڻي ۽ ڊائيلاگ جي گهٽتائي محسوس ٿئي ٿي.