ڪراچي: خميس 21 جون 2018ع: سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ ڪراچي ۾ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي جنهن ۾ چيف جسٽس ڪي اليڪٽرڪ جي انتظاميه کي چيو ته لکي ڏنو وڃي ته هاڻ پلانٽس بند نه ٿيندا.
ٻڌڻي دوران ڪي اليڪٽرڪ جي چيف ڊسٽريبيوشن آفيسر چيو ته ڪي اليڪٽرڪ بجلي جي پيداواري استعداد ۾ واڌ جا قدم کڻي رهي آهي ۽ بهتري لاءِ سرمائيداري به ڪري رهي آهي.
ان موقعي تي عدالتي معاون فيصل صديقي چيو ته اهي سڀ ڪوڙ ڳالهائي رهيا آهن، ڪي اليڪٽرڪ نه تعداد وڌائي رهي آهي ۽ نه ئي لوڊشيڊنگ ۾ گهٽتائي ٿي، نيپرا ڪي اليڪٽرڪ کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو پر ان جي باوجود صورتحال نه بدلي.
ڪي اليڪٽرڪ جي وڪيل ٻڌڻي دوران ٻڌايو ته بجلي جي طلب 3500 ميگاواٽ آهي جڏهن ته صرف 2950 ميگاواٽ ملي رهي آهي، شهر ۾ 3 ڪيٽيگريز ۾ لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي. وڪيل ٻڌايو ته علائقي جي لحاظ کان 3، 6 ۽ ساڍا 7 ڪلاڪ جي لوڊشيڊنگ ڪري رهيا آهن.
چيف جسٽس ثاقب نثار ريمارڪس ڏنا ته لوڊشيڊنگ جو سبب ڪنڊا سسٽم نه پر نظام ٺيڪ نه ڪرڻ آهي، ٻڌايو ته تباهه ٿيل نظام جي بهتري لاءِ ڇا ڪيو؟
چيف جسٽس چيو ته جيستائين ڪي اليڪٽرڪ جي عملي جي مدد نه هجي بجلي چوري نٿي ٿي سگهي، پنجاب ۾ 5 ارب روپيا لڳا پر پاڻي جو ڦڙو ناهي مليو.