ترڪي پاران به آمريڪي شين تي ڳرو جوابي ٽيڪس لڳائڻ جو اعلان

news

انقرا: جمعو 22 جون 2018ع: ترڪي اعلان ڪيو آهي ته هو آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان فولاد ۽ المونيم تي ٽيڪس لڳائڻ جي جواب ۾ هڪ ارب 80 ڪروڙ ڊالر ماليت جي آمريڪي سامان تي ٽيڪس لڳائيندو.

ميڊيا رپورٽن موجب واپار جي علامي اداري ورلڊ ٽريڊ آرگنائزيشن چيو ته ترڪي طرفان آمريڪي مال تي لڳايل ٽيڪسن جي ماليت 26 ڪروڙ 65 لک ڊالر هوندي ۽ اهو ٽيڪس جن شين تي لڳايو ويندو انهن ۾ ڪارون، ڪوئلو، ڪاغذ، چانور ۽ تماڪ کي شامل ڪيو ويو آهي.

ترڪي جي معاشي معاملن جي وزير نحت زينبڪسي پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو ته ترڪي ان ڳالهه جي اجازت نه ڏيندو ته ان کي آمريڪي معيشت کي پيش ايندڙ مشڪلاتن جو غلط طور تي ذميوار قرار ڏنو وڃي، هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته اسان ان جي حل جو حصو آهيون نه ڪي مسئلي جو.