شاهه محمود قريشي ۽ جهانگير ترين وچ ۾ سرد جنگ، هڪ ٻئي تي الزام

news

ملتان: جمعو 22 جون 2018ع: پاڪستان تحريڪ انصاف جي وائس چيئرمين شاهه محمود قريشي ۽ اڳوڻي جنرل سيڪريٽري جهانگير ترين وچ ۾ سرد جنگ شدت اختيار ڪري وئي، پارٽي جي ٻنهي سينيئر اڳواڻن طرفان هڪ ٻئي تي سنگين الزام به لڳايا ويا.

ملتان ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شاهه محمود قريشي پاران جهانگير ترين سان سرد جنگ بابت سوال تي چوڻ هو ته جهانگير ترين سان ڪوبه مقابلو ناهي، مقابلو سياست ۾ هوندو آهي، جيڪو شخص اليڪشن نه ٿو وڙهي سگهي ۽ ڪنهن گيم ۾ شامل ئي ناهي ته ان سان مقابلو ٺهي ئي نه ٿو.

هن جو چوڻ هو ته ڇا چريو آهيان جو جهانگير ترين جو مقابلو ڪندس، بني گالا جي ٻاهران احتجاج ڪارڪنن جو حق آهي پر ٻڌايو وڃي ته سڪندر بوسن کي ڪير سپورٽ ڪري رهيو آهي؟ ڪير آهي جيڪو ڪارڪنن کي احتجاج تي همٿائي رهيو آهي؟ ايتري اخلاقي جرعت آهي ته سامهون اچڻ گهرجي.

وهاڙي ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ نذير جٽ جي حوالي سان شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته ان کي پارٽي ۾ اسحاق خاڪواني وٺي آيو پر عائشا جٽ کي صوبائي ٽڪيٽ ڪنهن ڏياري؟ ان کي ضمني اليڪشن ڪنهن ويڙهائي؟ هن چيو ته مان عائشا جٽ جي ضمني اليڪشن ۾ به موجود نه هوس پر نذير جٽ جيڪڏهن ڳالهه ڪئي آهي ته پنهنجي زور تي ڪئي آهي، ان جي پنهنجي هڪ سوچ، سياسي حيثيت ۽ هڪ نالو آهي، منهنجي ان ۾ ڪابه شرارت ناهي. شاهه محمود قريشي چيو ته نه بدنيت آهيان نه شرارتن جو عادي آهيان ۽ نه ئي سازشي مزاج جو ماڻهو آهيان، منهنجو ايمان آهي ته الله دلين جا راز ڄاڻي ٿو ۽ حقيقتون سڃاڻي ٿو.

هن جو چوڻ هو ته مان اوهان سان فريب ڪري سگهان ٿو پر ڇا الله سان به ڪري سگهان ٿو؟ ڇا مان الله سان جعلسازي ڪري سگهان ٿو؟ مان جعلسازي نه ٿو ڪري سگهان ڇو ته الله نيتن جو حال ڄاڻي ٿو.

شاهه محمود قريشي جي پريس ڪانفرنس جي حوالي سان لوڌران ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي جهانگير ترين جو چوڻ هو ته ڪنهن جي خلاف ڳالهائڻ پسند نه ٿو ڪريان، شاهه محمود قريشي جي پريس ڪانفرنس ڏسي جواب ڏيندس پر جواب ڏيڻ جا قابل ڪا شئي به هجي.

هن چيو ته تحريڪ انصاف ۾ عام ڪارڪن طور ڪم ڪري رهيو آهيان ۽ ڪندو رهندس، پارٽي سان اهڙا ئي بيٺل آهن جيڪي پهريان بيٺل هئا.