قبرص جو ڳچ عرصي کان غير آباد ايئرپورٽ

news

نيويارڪ: جمعو 22 جون 2018ع: قبرص جي گادي واري هنڌ نڪوسيا ۾ واقع نڪوسيا انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي سالن کان هڪ ئي جاءِ تي بيٺل ناڪارا، گهڻين جاين تان ٽٽل، مٽي ۾ لٿ پٿ ۽ اڏام جي قابل نه رهندڙ جهاز گذريل ڪيترن ئي سالن جي داستان ٻڌائي رهيو آهي.

ايئرپورٽ جي زنگ لڳل عمارت ۽ جاءِ جاءِ تي خاردار تارن تان جنگي منظر ظاهر آهن، تاريخ تي نظر وجهون ته ايئرپورٽ تي گهاريل واقعن جي خبر پوي ٿي.

1974ع جي فسادن جي دوران يوناني ۽ ترڪ فوج وچ ۾ خوفناڪ هوائي حملن جي ڏي وٺ اتي ئي ٿيندي هئي.

اڄ ان ايئرپورٽ تي سج جي تپش برداشت ڪندڙ ناڪارا ۽ ٽٽل حالت ۾ بيٺل جهاز گذريل ڪيترن ئي سالن جي گهاريل لمحن جي عڪاسي ڪري رهيو آهي.