مصر جي ڪابينا ۾ اٺ عورت وزير شامل

news

قاهرا: جمعو 22 جون 2018ع: مصر ۾ جوڙيل ڪابينا ۾ 2 نئين عورت وزيرن جي شموليت کانپوءِ عورت وزيرن جو تعداد 8 ٿي ويو آهي.

عالمي خابرو اداري موجب مصر ۾ 8 عورت وزيرن جي شموليت نئين تاريخ رقم ڪري ڇڏي. گذريل هفتي 14 جون تي مصر جي حڪومت سنڀاليندڙ وزيراعظم مصطفيٰ مدبولي ڪابينا ۾ واڌ ڪندي وڌيڪ ٻن عورتن کي پنهنجي ڪابينا ۾ شامل ڪري ورتو آهي جنهن کانپوءِ عورت وزيرن جو تعداد 8 ٿي ويو آهي.

مصر جي سربراهه نئين چونڊيل عورت وزيرن هالا زايد کي صحت کاتو ۽ ياسمين فواد کي ماحوليات جي وزارت حوالي ڪري ڇڏي آهي جڏهن ته ان کان اڳ ٻين 6 عورت وزيرن ۾ غدا ولي سماجي سلامتي، سحر بصر سرمائيداري، نبيلا مڪرام اميگريشن، راعنيا الماشات سياحت، هالا سعيد منصوبابندي ۽ ايناس عبدالدائم کي ثقات واري وزارت جو قلمدان ڏنو ويو.