موسيٰ جا ٻه گول، نائجيريا آئس لينڊ کي شڪست ڏئي ڇڏي

news

ماسڪو: جمعو 22 جون 2018ع: فٽ بال ورلڊ ڪپ جي گروپ ڊي جي ميچ ۾ احمد موسيٰ جي ٻن گولز جي ڪري نائجيريا آئس لينڊ کي شڪست ڏئي ڇڏي.

روسي شهر ولواگراڊ ۾ کيڏي ويندڙ ميچ جي پهرئين هاف ۾ ٻنهي ٽيمن هڪ ٻئي تي ڪيترائي حملا ڪيا جڏهن ته ٻئي گول اسڪور ڪرڻ ۾ ناڪام رهيون.

ٻئين هاف ۾ 49 هين منٽ تي احمد موسيٰ جي شاندار گول نائيجيريا کي برتري ڏياري. محمد موسيٰ شاندار راند جو سلسلو جاري رکندي 75 هين منٽ ۾ هڪ ٻيو گول اسڪور ڪري پنهنجي ٽيم جي برتري ٻٽي ڪري ڇڏي.

83 هين منٽ ۾ آئس لينڊ کي گول اسڪور ڪرڻ جو سنهري موقعو پينلٽي جي صورت ۾ مليو جڏهن ته گلفي سيگورسن ان کي ضايع ڪري ڇڏيو ۽ ان سان گڏوگڏ آئس لينڊ جي ميچ ۾ واپسي جون سموريون اميدون به ختم ڪري ڇڏيون. ان کان اڳ اڄ جي پهرئين ميچ ۾ برازيل ڪوسٽاريڪا کي 2-0 تان شڪست ڏئي ڇڏي هئي.