آمريڪا اتر ڪوريا خلاف پابندين ۾ هڪ سال واڌ ڪري ڇڏي

news

واشنگٽن: جمعو 22 جون 2018ع: آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڪم جونگ ان سان ملاقات ڪرڻ کانپوءِ به اتر ڪوريا تي پابندين ۾ هڪ سال جي واڌ ڪري ڇڏي آهي.

وائيٽ هائوس جي پريس سيڪريٽري آفيس مان جاري ٿيل دستاويز ذريعي اعلان ڪيو ويو آهي ته آمريڪي جي صدر اتر ڪوريا جي هڪ پروگرام جي حوالي سان جاري ڪيل نيشنل ايمرجنسي ۾ وڌيڪ هڪ سال جي واڌ ڪري ڇڏي آهي.

ان دستاويز ۾ اهو ڄاڻايو ويو آهي ته اتر ڪوريا تي لڳل پابنديون ايندڙ سال 2019ع تائين برقرار رهنديون، جڏهن ته ايٽمي هٿيارن جي خاتمي تائين اتر ڪوريا تي دٻاءُ برقرار رهندو.