پنج بيڊرومز وارو گهر صرف هڪ ڊالر ۾ وڪري لاءِ پيش

news

 نيويارڪ: ڇنڇر 23 جون 2018ع: جيڪڏهن اوهان پاڪستاني سياستدانن جي وڏين ملڪيتن جي انتهائي گهٽ قيمت ڏسي حيران آهيو ته وڌيڪ حيران ٿيڻ لاءِ تيار ٿي وڃو ڇو ته آمريڪي رياست ٽيڪساس ۾ 6708 فٽ ايراضي تي ڦهليل هڪ گهر صرف هڪ ڊالر ۾ وڪري لاءِ پيش ڪيو وي.

بيري لفٽ ڪورٽ، هيوسٽن ۾ واقع هڪ گهر 5 بيڊرومز، هڪ ننڍي ۽ ٻه وڏن باٿ رومز، ويڪري لائونج ۽ باغ تي ٻڌل آهي جنهن کي ان جي مالڪ نه صرف هڪ ڊالر ۾ وڪري جو اشتهار لڳائي سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو آهي.

جيتوڻيڪ پوري ڳالهه صرف ايتري ئي ناهي پر ان گهر جي مالڪ اشتهار سان گڏوگڏ اهو به لکيو آهي ته خريدار ان گهر کي خريد ڪرڻ لاءِ بهترين قيمت لڳائين جڏهن ته ان جي گهٽ ۾ گهٽ امڪاني قيمت هڪ ڊالر مقرر ڪئي وئي آهي.

ان دلچسپ حرڪت جو مقصد ذڪر ڪيل گهر جي موزون ترين قيمت جو مقرر ڪرڻ آهي، جڏهن ته گذريل سال جمع ڪرايل ٽيڪس دستاويزن ۾ ان گهر جي قيمت اڍائي لک ڊالر ظاهر ڪئي وئي هئي.