ارجنٽينا جو فٽ بالر ميسي آف شور ڪمپني جو مالڪ نڪتو

news

لنڊن: ڇنڇر 23 جون 2018ع: ارجنٽينا جو اسٽار فٽ بالر ۽ ڪپتان ليونل ميسي هڪ ٻئي مشڪل ۾ ڦاسي ويو ۽ پاناما ليڪس جي نون دستاويزن ۾ اسٽار فٽ بالر آف شور ڪمپني جو مالڪ نڪتو آهي.

ٻه سال اڳ جاري ڪيل پاناما پيپرز پوري دنيا ۾ هنگامو برپا ڪري ڇڏيو هو جنهن ۾ پاڪستان سميت دنيا جي ڪيترن ئي حڪمرانن ۽ سياستدانن سميت مشهور شخصيتن جي آف شور ڪمپنين جو انڪشاف ڪيو ويو هو، پاناما پيپرز جا هينئر ٻيهر نوان تفصيل جاري ڪيا ويا آهن جنهن ۾ ميسي جي آف شو ڪمپني جو انڪشاف ٿيو آهي، ليونل ميسي ۽ ان جي والد جي خلاف پهريان ئي اسپين ۾ ٽيڪسٽ چوري جو ڪيس هلي رهيو آهي ۽ هاڻ نئين آف شور ڪمپني مان ان جي مشڪلاتن ۾ واڌ ٿي سگهي ٿي.

ميسي تي الزام آهي ته هن جون يوراگوئي ۽ بيلز ۾ آف شور ڪمپنيون آهن ۽ هاڻ انڪشاف ٿيو آهي ته پاناما ۾ ان جي ميگا اسٽار انٽرپرائز جي نالي سان هڪ ٻئي آف شور ڪمپني آهي جڏهن ته 2016ع ۾ ميسي کان اسٽار انٽرپرائز بابت سوال ڪيو ويو هو ته هن چيو هو ته اها ڪمپني ڪم نه پئي ڪري پر پاناما پيپرز جي دستاويزن انهن دعوائن کي غلط ثابت ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته ميسي جي وڪيل جو چوڻ آهي ته اهو هڪ پراڻو معاملو اهي جيڪو ڪارپوريٽ اسڪيم جو حصو هو ۽ ان جي ڪيس جو فيصلو پهريان ئي ٻڌايو ويو آهي، اها ڪمپني هاڻ ڪم نه پئي ڪري.