سٺي ڪردار جي آفر ٿي ته ضرور ڪم ڪنديس: سجل علي

news

لاهور: ڇنڇر 23 جون 2018ع: مشهور اداڪارا سجل علي چيو آهي ته اهڙي طرح جون آفرون قبول نه ڪنديس جيڪي منهنجي مزاج جي خلاف هجن.

ميڊيا سان ڳالهائيندي سجل علي چيو ته جڏهن پنهنجي ملڪ ۾ بهترين ڪم ڪندي عزت، شهرت ۽ اهم جاءِ ملي سگهي ٿي ته پوءِ بالي ووڊ ڇو وڃڻو پئي.

جيڪڏهن اتي وڃي ڪم ڪرڻ ضروري آهي ته پوءِ پنهنجين شرطن موجب ڪيو وڃي ته ان سان پنهنجو مزو آهي.

پر هن وقت ته پاڪستان ۾ سٺيون فلمون ٺهي رهيون آهن، مون کي به جڏهن ڪو سٺو ڪردار آفر ٿيندو ته ضرور ڪم ڪنديس، پر فملن ۾ آئٽ۾ سان ڪرڻ منهنجي وس جي ڳالهه ناهي.

سجل علي چيو ته ٽي وي ڊرامن ۾ حقيقت جي ويجهو ڪردار ادا ڪرڻ تي ڏسندڙن جو پيار اڪثر آئوٽ ڊور شوٽنگ تي ملندو رهندو آهي.

ڪو پنهنجي فيملي سان تصوير ٺاهي ٿو ته ڪو آٽوگراف وٺي ٿو، هڪ فنڪار جي ڪاميابي جو اصل ايوارڊ ماڻهن جو پيار ئي هوندو آهي.

اداڪارا چيو ته فلم جي ڪاميابي ۽ فلاپ ٿيڻ هڪ اهڙو عمل اهي جنهن تي ڪنهن جو ڪنٽرول ناهي.

پر هڪ ڳالهه جيڪا خاص آهي ته اسان جي فلمن جي معيار ۾ بهتري آئي آهي ۽ ان ۾ ڏينهون ڏينهن نکار اچي رهيو آهي، سينيما گهرن جون ويرانيون ختم ٿي رهيون آهن، جيڪا سٺي ڳالهه آهي.