لڳاتار ذهني دٻاءُ نظر لاءِ به نقصانڪار هوندو آهي: تحقيق

news

برلن: ڇنڇر 23 جون 2018ع: دماغ جسم جو بادشاهه آهي ۽ ان جا اثر پوري جسم تي پوند اهن، جيتوڻيڪ فڪر، پريشاني ۽ ذهني دٻاءُ جا دماغ تي انتهائي خراب اثرا پوندا آهن پر هاڻ هڪ نئين تحقيق مان خبر پئي آهي ته اهو نظر جي لاءِ به انتهائي هاڃيڪار آهي ۽ موتئي سميت اکين جو نور تائين کسي سگهي ٿو.

ان کان اڳ به ڪيترين ئي تحقيقن مان اها ڳالهه سامهون ايندي رهي آهي ته ذهني دٻاءُ نظر ۾ نقصان جو سڌو سنئون يا بنا واسطي سبب بڻجي سگهي ٿو.

ان کانپوءِ ڊاڪٽرن کي چيو ويو آهي ته هو پوري ڪوشش ڪن ته  ڪهڙي طرح مريضن کي پهريان ذهني دٻاءُ کان ڇوٽڪارو ڏياري سگهجي.

يورپين ايسوسئيشن فار پريڊڪٽيو، پرونٽيوو اينڊ پرسنلائزڊ ميڊيسن جرنل ۾ شايع ٿيل هڪ نئين تحقيق ۾ چيو ويو آهي ته ذهني دٻاءُ جي تباهه ڪارين ۾ هاڻ نظر جي ڪمزوري، موتيو، سائو موتيو، عمر سان گڏوگڏ ميڪيولر ڊي جنريشن ۽ نظر وڃائڻ به شامل ڪرڻي پوندي.

جرمني ۾ مينڊبرگ يونيورسٽي جي پروفيسر برنارڊ سيبل ۽ ان جي ساٿين چيو آهي ته ذهن تي مسلسل وزن ۽ دٻاءُ مان ڪارٽيسول هارمون وڌي ويندو آهي ۽ ان جو اثر اکين جي ٻن طرح جي اعصابي نظامن تي ٿيندو آهي جن ۾ ريسڪيولر ۽ سيمپيٿٽڪ نروس سسٽمز شامل آهن.