پاڻمرادي نوٽيس جو واحد مقصد مسئلن جي طرف توجهه ڏيارڻ هوندو آهي: چيف جسٽس

news

لاڙڪاڻو: ڇنڇر 23 جون 2018ع: چيف جسٽس پاڪستان جسٽس ميان ثاقب نثار چيو آهي ته پاڻمرادي نوٽيس جو واحد مقصد مسئلن جي طرف توجهه ڏيارڻ هوندو آهي ۽ عدالت ۾ جيتريون درخواستون اچي رهيون آهن اهي انتظامي ناڪامي جو سبب آهن.

لاڙڪاڻي ۾ هاءِ ڪورٽ بار جي تقريب کي خطاب ڪندي چيف جسٽس پاڪستان جسٽس ثاقب نثار چيو ته اسان ڪي محتاج ماڻهو ناهيون جن جي حقن جي تحفظ لاءِ ڪوبه نه ٿو اٿي ته عدليا به خاموش رهي، جوڊيشل سسٽم جو مقصد انصاف ڏيڻ هوندو آهي ۽ ايئن ناهي ته عدليا مسئلن تي خاموش رهي، پاڻمرادي نوٽيس جو واحد مقصد مسئلن جي طرف توجهه ڏيارڻ هوندو آهي.

هن چيو ته سنڌ جي ماڻهن کي مستقبل ۾ سٺي صحت کان محروم ٿيڻ جو خدشو آهي، اسپتالن ۾ اوزار، دوائن ۽ ورڪ فورس جي معاملن تي توجهه ڏيڻ جي ضرورت ناهي.

جسٽس ثاقب نثار جو چوڻ هو ته اڄ عدليا تي جيڪو وزن گڏ ٿيو ان ۾ ڪنهن سياسي پارٽي کي نشانو نه پيو بڻايان، عدالت ۾ جيتريون به درخواستون اچي رهيون آهن اهي انتظامي ناڪامي جي ڪري آهن.

چيف جسٽس پاڪستان وڌيڪ چيو ته تعليم جي بنا ڪوبه ملڪ ترقي نه ٿو ڪري سگهي.