ماڻهو منهنجي آواز تي نه منهنجي چهري تي ڌيان ڏين ٿا: مومنا مستحسن

news

لاهور : ڇنڇر 23 جون 2018ع  پاڪستان جي حسين ۽ نامور گلوڪارا مومنا مستحسن چيو آهي ته ماڻهو منهنجي آواز تي نه پر منهنجي چهري ۽ منهنجي خوبصورتي تي وڌيڪ ڌيان ڏين ٿا.

ڪوڪ اسٽوڊيو ۾ آفرين آفرين گانو ڳائي شهرت ڪمائڻ واري مشهور پاڪستاني گلوڪارا مومنا مستحسن  انٽرويو ڏيندي چيو ته ماڻهو منهنجي آواز کي نه پر منهنجي خوبصورتي کي پسند ڪن ٿا.

گلوڪارا وڌيڪ چيو ته مان اڪثر اهو ئي ٻڌو ۽ ڏٺو آهي ته منهنجي آواز بدران منهنجي خوبصورتي تي تبصرا ٿيندي ملن ٿا پر مان چوان ٿي ته ماڻهو مونکي منهنجي چهري جي خوبصورتي کان وڌيڪ منهنجي اندر جي ڪلا کي ڏسن.