جي ڊي اي کي ناڪامي نصيب ٿيندي: ڪرشنا ڪولهي

news

 حيدرآباد: ڇنڇر 23 جون 2018ع: پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيٽر ڪرشنا ڪولهي چيو آهي ته پ پ 25 جولاءِ تي ٿيندڙ اليڪشن ۾ وڏي اڪثريت سان ڪاميابي ماڻيندي، خاص طور سنڌ کي چونڊن ۾ ڪلين سوئيپ ڪندي ۽ جي ڊي اي کي ناڪامي نصيب ٿيندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه پنهنجي رهائشگاهه تي صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو.

هن چيو ته پ پ ايندڙ چونڊن ۾ اڪثريت سان ڪاميابي حاصل ڪري وفاق ۾ حڪومت ٺاهيندي ۽ منهنجي دلي خواهش آهي ته بلاول ڀٽو زرداري ملڪ جو وزير اعظم ٿئي، جنهن ۾ اسان کي شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو عڪس نظر اچي ٿو. هن چيو ته پ پ ڇڏي جي ڊي اي ۾ شامل ٿيندڙن جو ڪو به سياسي مستقبل ناهي، مرزا خاندان 10 سال حڪومت ۾ رهي بدين کي تباهه ڪيو، آئون فهميده مرزا کان پڇڻ گهران ٿي ته هوءَ  پريس ڪانفرنس ڪري آخر گندي پاڻيءَ جي بوتل ڪنهن کي ڏيکاري رهي هئي، جيڪو سوال بدين جو عوام به فهميده مرزا کان ڪري رهيو آهي.

هن چيو ته ارباب غلام رحيم ڪڏهن به عوام سان سچو ناهي رهيو، جيڪڏهن هو عوام سان سچو هجي ها ته عوام هن کي ووٽ ڏئي اسيمبلين ۾ پهچائي عزت ڏئي ها، پر جنهن طرح هن وڏ وزارت دوران عوام کي دربدر ڪيو اڄ عوام ان کي ووٽ نه ڏئي دربدر ڪري رهيو آهي. ان موقعي تي لالچند، تولا رام ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.