ٽنڊوڄام: ايم ايڇ پنهور زرعي تحقيقي فارم ۾ انبن تي ٿيندڙ تحقيق ۾ وڏي اڳڀرائي

news

 ٽنڊوڄام: ڇنڇر 23 جون 2018ع: ناليواري زرعي ماهر مرحوم ايم ايڇ پنهور جي زرعي تحقيق جي ميدان ۾ محنت ۽ عرق ريزي نيٺ پنهنجو ثمر ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي ۽ مرحوم ايم ايڇ پنهور جي وفات جي يارهن سالن بعد ايم ايڇ پنهور ٽرسٽ کي انبن تي تحقيق ۾ زبردست ڪاميابي حاصل ٿي آهي.

ٽنڊوڄام ويجهو کيسانا موري ڀرسان مرحوم ايم ايڇ پنهور پاران قائم ڪيل ايم ايڇ پنهور زرعي تحقيقي فارم ۾ انب، لچي انگور، انجير، ڪٺهل ۽ ٻين ميون ۽ فصلن تي تحقيق ڪئي پئي وڃي. ايم ايڇ پنهور ٽرسٽ انبن جي سونارو جنس تي ڪيترن سالن جي تحقيق بعد جينياتي تبديلين ذريعي سونارو جنس جي انبن جو وزن ڏيڍ ڪلو تائين پهچائڻ ۾ ڪاميابي ماڻي ورتي آهي. جنهن بعد سونارو انب جي هن سڌريل جنس کي “وڏو سونارو” جو نالو ڏنو ويو آهي.

ٽرسٽ جي اڳواڻ غلام سرور پنهور حاصل ٿيل ڪاميابي جا تفصيل ٻڌائيندي چيو آهي ته سنڌ جي جنس سونارو تي ڪيترن ئي سالن جي جينياتي تحقيق بعد سوناري انب جي پتي جو وزن ڏيڍ ڪلو تائين پهچائڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪري ورتي آهي، جيڪو هڪ رڪارڊ آهي. هن چيو ته پاڪستان توڙي انڊيا جي ذائقيدار انبن جي ڪنهن به جنس ۾ ايڏي وزن جو پِتو (ميوو) نٿو ٿئي. هن چيو ته زرعي فارم ۾ اتفاقي طور ڪنهن هڪڙي انب جو وزن ڏيڍ ڪلو نه ٿيو آهي، پر ڊگهي تحقيق بعد سونارو جنس جا سڀئي وڻ ڏيڍ ڪلو کان وڌيڪ وزن وارا انب ڏيئي رهيا آهن ۽ انبن جي انهي جنس جو وزن ٻه ڪلو تائين پهچڻ جي اميد آهي. ان ڪري هن جنس کي وڏو سونارو جو نالو ڏنو ويو آهي.

هن دعويٰ ڪندي چيو ته سنڌڙي، چوسو ۽ الفانسو سميت پاڪستان ۽ ڀارت ۾ پيدا ٿيندڙ لذيذ ۽ اعليٰ ڪوالٽي جي انبن مان ڪوبه هيڏو وزني پتو (ميوو) نٿو ڏئي ۽ ڏيڍ ڪلو کان وڌيڪ وزن جو انب هڪ عالمي رڪارڊ آهي. تنهنڪري هن کي گنيز بوڪ آف ورلڊ رڪارڊ ۾ شامل ڪيو وڃي. هن چيو ته وڏو سونارو جنس سان آبادگارن جي پيداوار ۾ پنجوڻ تي اضافو ٿيندو ۽ ملڪي معيشيت کي به فائدو ٿيندو. هن چيو ته انبن جي هڪ ٻي جنس“لال بادشاهه” پنهنجي مخصوص خاصيتن سبب ايڪسپورٽرن جي خاص توجه جو مرڪز بڻجي ويئي آهي. جينياتي تحقيق ذريعي لال بادشاه جي کل کي وڌيڪ مضبوط بڻايو ويو آهي ۽ هن جي عمر ۾ اضافو ڪري 15 ڏينهن تائين پهچايو آهي، جنهن ڪري اهو ڊگهي عرصي تائين محفوظ رهي سگهي ٿو ۽ ان تي موسم ۽ ماحول جلدي اثر انداز نٿا ٿين. انهن خاصيتن سبب لال بادشاهه ايڪسپورٽرن ۽ جوس مينوفيڪچررس جي پسنديده جنس بنجي ويئي آهي.

هن چيو ته ايندڙ سال کان انهن جنسن جون چڪيون سنڌ جي عام آبادگارن کي پڻ ڏنيون وينديون جنهن لاءِ 4 ايڪڙن تي نرسري پڻ قائم ڪئي ويئي آهي، جنهن بعد اهي جنسون عام آبادگارن تائين پهچي وينديون جنهن سان آبادگارن توڙي ملڪ کي فائدو حاصل ٿيندو. ايم ايڇ پنهور زرعي فارم ۾ سياري جي مند ۾ ميوو ڏيندڙ انبن جي جنس به دريافت ڪئي وئي آهي. مرحوم ايم ايڇ پنهور پاران آسٽريليا مان آندل انب جي جنس تي تحقيق جي نتيجي ۾ دريافت ڪيل جنس کي گئيلنٽ  نالو ڏنو ويو هو، جنهن تي سندس لاڏاڻي بعد به تحقيق جاري رکندي، ان مان سياري جي مند ۾ انبن جي پيداوار حاصل ڪرڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي ويئي آهي. زرعي فارم ۾ لڳل انهي جنس هاڻي ٻور ڏيڻ شروع ڪيو آهي ۽ اها جنس ٽن چئن مهينن بعد انب ڏيندي.

انهي حوالي سان ڳالهائيندي غلام سرور پنهور چيو ته انهي جنس دريافت ڪرڻ بعد سنڌ جا ماڻهو گرمي جي مند سان گڏ سياري جي موسم ۾ به تازن ۽ ذائقيدار انبن جو مزو ماڻي سگهندا. هن چيو ته انب جي هڪ ٻي پاڇاٽي جنس ڪي-2  پڻ تحقيق جي آخري مرحلي ۾ آهي. اها جنس پڻ انبن جي مند ختم ٿي وڃڻ بعد ميوو ڏيندي آهي. مرحوم ايم ايڇ پنهور مختلف ميون ۽ فصلن تي جديد طرز جي تحقيق کانسواءِ آبپاشي نظام بابت عالمي سطح جي تحقيق ڪئي.

ميون ۽ فصلن جون ڪيتريون ئي جنسون ۽ پوکائي جا طريقا متعارف ڪرايا، سنڌ جي آبپاشي نظام تي ڳوڙهي تحقيق ڪئي ۽ ڪيترائي تحقيقي ڪتاب پڻ لکيا پر سندس لاڏاڻي بعد زراعت کاتي جي ڪنهن به اداري يا زرعي درسگاهه ايم ايڇ پنهور جي تحقيق مان لاڀ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي. نه وري سرڪار يا ڪنهن ڏيهي يا پرڏيهي اداري ايم ايڇ پنهور زرعي تحقيقي فارم جي سار لڌي آهي. انهي حوالي سان ڳالهائيندي ايم ايڇ پنهور ٽرسٽ جي اڳواڻ ٻڌايو ته ايم ايڇ پنهور زرعي تحقيقاتي فارم ڪنهن به سرڪاري يا غير سرڪاري فنڊنگ کان بغير پنهنجي مدد پاڻ تحت هلايو پيو وڃي. ۽ عام آبادگارن جي رهنمائي ڪري آبادگارن کي مختلف جنسون فراهم ڪيون پيون وڃن.

هن چيو ته ٽرسٽ پاران سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام کي تحقيقي فارم ۾ شاگردن لاءِ انٽرنشپ جي آڇ ڪئي ويئي هئي. پر يونيورسٽي ان معاملي ۾ ڪابه دلچسپي نه ورتي آهي. هن چيو ته زرعي يونيورسٽي پاران ايم ايڇ پنهور چيئر قائم ڪرڻ وارو اعلان به اعلان رهجي ويو آهي. هن چيو ته جيڪڏهن سرڪار ۽ زرعي ادارا دلچسپي وٺي ايم ايڇ پنهور جي ڪيل تحقيق عام آبادگارن تائين پهچائڻ ۾ ڪردار ادا ڪن ته سنڌ جي آبادگارن ۾ خوشحالي ۽ معاشي انقلاب آڻي سگهجي ٿو.