نواز شريف پاران ڪلثوم نواز جي طبيعت بهتر ٿيڻ تائين پاڪستان نه اچڻ جو اشارو

news

لنڊن: ڇنڇر 23 جون 2018ع: اڳوڻي وزيراعظم ميان محمد نواز شريف جو چوڻ آهي ته هو پاڪستان ۾ آيو آهي ۽ پاڪستان ئي واپس ويندو.

لنڊن ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي نواز شريف چيو ته منهنجي گهرواري هن وقت زندگي ۽ موت جي چوواٽي تي آهي، ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ڪلثوم نواز جي طبيعت بهتر ٿيندي ته پاڪستان وڃڻ جو فيصلو ڪندس.

اڳوڻي وزيراعظم چيو ته ڇا انهن حالتن ۾ جڏهن ڪلثوم وينٽيليٽر تي آهي مان پاڪستان وڃڻ جو سوچي سگهان ٿو؟، ڇا اوهان کي لڳي ٿو ته مون کي گهرواري کي ان حالت ۾ ڇڏي پاڪستان واپس وڃڻ گهرجي؟. 

نواز شريف چيو ته سياسي ڳالهيون اتي سٺيون نه ٿيون لڳن، پاڪستان واپس وڃي سياست ڪندس، اوهان جي دعائن جو تمام گهڻو شڪرگذار آهيان، پوري قوم جو احسان مند آهيان ته انهن دعائن ۾ ياد رکيو.

اڳوڻي وزيراعظم چيو ته لنڊن اچڻ وقت منهنجو ارادو هو ته 4 ڏينهن رهڻ کانپوءِ وطن واپس هليو ويندس، جڏهن کان آيو آهيان بيگم ڪلثوم جون ڳالهيون ناهيان ٻڌي سگهيو.

نواز شريف چيو ته مون ته ريٽرن ٽڪيٽ ڪرائي هئي پر شايد الله کي منظور نه هو، ڪلثوم نواز جي طبيعت بهتر ٿيندي ئي وطن واپس هليو ويندس.