کاڌن ۾ شامل سڻڀ ۽ چرٻي سبب ساليانو پنج لک فوتگين جو انڪشاف

news

حيدرآباد: ڇنڇر 23 جون 2018ع: کاڌن ۾ استعمال ٿيندڙ ڪوڪنگ آئل ۽ گيهه ۾ ملندڙ چرٻي ۽ سڻڀ جي ڪري پوري دنيا ۾ ساليانو 5 لک فوتگيون ٿين ٿيون.

صحت جي عالمي اداري ڊبليو ايڇ او موجب ڪوڪنگ آئل ۽ گيهه ۾ شامل ڪيل مختلف ڀاڄين، نباتات ۽ جانورن مان حاصل ڪيل ٽرانس فيٽ يعني سڻڀ ۽ چرٻي انساني صحت لاءِ هاڃيڪار آهي جنهن سان دل جي مرض سميت ڪيتريون ئي بيماريون پيدا ٿين ٿيون.

ڊبليو ايڇ او جي هڪ رپورٽ موجب گيهه ۽ ڪوڪنگ آئل ۾ جديد طريقي ۽ فيڪٽرين جي اندر شامل ڪيل سڻڀ ۽ چرٻي سان انسان مختلف بيمارين ۾ مبتلا ٿي موت جي منهن وڃي رهيا آهن.

ياد رهي ته عالمي اداري کاڌن ۾ استعمال ٿيندڙ هر طرح جي ڪوڪنگ آئل ۽ گيهه مان سڻڀ ۽ چرٻي ختم ڪرڻ لاءِ هلندڙ سال مئي ۾ هڪ عالمي مهم جي شروعات به ڪئي هئي.

صحت جي عالمي اداري  گيهه ۽ ڪوڪنگ آئل مان سڻڀ ۽ چرٻي ختم ڪرڻ جي مهم جي شروعات ڪندي دنيا جي سمورن ملڪن جي حڪومتن کان مطالبو ڪيو هو ته ٽرانس فيٽ جي استعمال جي روڪٿام لاءِ قدم کنيا وڃن.

ڊبليو ايڇ او پنهنجي رپورٽ ۾ سمورن ملڪن کان مطالبو ڪيو هو ته گيهه ۽ ڪوڪنگ آئل مان ٽرانس فيٽ کي ايندڙ 5 سالن تائين بلڪل ختم ڪيو ويندو.

اداري دنيا جي سمورن ملڪن کي 2023ع تائين چرٻي ۽ سڻڀ کي گيهه ۽ ڪوڪنگ آئل مان ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو هو ته ان سان بيشمار قيمتي انساني جانيون ضايع ٿي رهيون آهن. 

صحت جي عالمي اداري طرفان مهم جي شروعات کانپوءِ فوري طور تي آمريڪا ۽ برطانيه جي ڪيترن ئي ملڪن گيهه ۽ ڪوڪنگ آئل مان سڻڀ ۽ چرٻي ختم ڪرڻ جي قدمن جي شروعات ڪري ڇڏي هئي.

جڏهن ته پاڪستان سميت ڪيترن ئي ملڪن فوري طور تي ان حوالي سان سخت قدم ناهن کنيا. ياد رهي ته ٽرانس فيٽ ڪيميڪل سميت جديد طريقن سان ڀاڄين، نباتات ۽ جانورن مان ڪڍيل تيل هوندو آهي، جنهن کي چرٻي ۽ سڻڀ به چيو ويندو آهي.

ٽرانس فيٽ کي عام طور تي دٻي پيڪ کاڌن کي ڪافي وقت تائين تازو رکڻ لاءِ گيهه ۽ ڪوڪنگ آئل ۾ شامل ڪيو ويندو آهي.

جڏهن ته ماهرن موجب سڻڀ ۽ چرٻي سان دل جي بيمارين، ٿولهه ۽ بلڊ پريشر سميت ڪيتريون ئي بيماريون پيدا ٿينديون آهن، جيڪي انسان جي موت جو سبب بڻجنديون آهن.