ايم ايم اي اڄ پشاور کان چونڊ مهم جي شروعات ڪندي

news

پشاور: آچر 24 جون 2018ع: متحدا مجلس عمل اڄ پشاور ۾ هڪ وڏي جلسي سان چونڊ مهم شروع ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

پريس ڪلب پشاور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي متحدا مجلس عمل صوبائي سربراهن جو چوڻ هو چونڊ ٽڪيٽن جي ورهاڱي تي مختلف سياسي پارٽين جي آفيسن جي سامهون ڌرڻا لڳي رهي آهن جڏهن ته ايم ايم اي واحد پارٽي آهي جتي ٽڪيٽن جي معاملي تي ڪي به اختلاف ناهن.

صوبائي اڳواڻن چيو ته جلسي ۾ عوامي انقلاب کان اسلامي سفر جي شروعات ٿيندي، خيبرپختونخواهه ۾ ايم ايم اي پهريان کان ئي مضبوط آهي.

جي يو آءِ ف جي اڳواڻ جليل جان جو چوڻ هو ته متحدا مجلس عمل هڪ طاقت بڻجي چڪي آهي ۽ ايندڙ چونڊن ۾ عوام ايم ايم اي جي حق ۾ ووٽ استعمال ڪندو، هن جو چوڻ هو ته متحدا مجلس عمل ۾ شخصيتن جو نه پارٽي جو فيصلو مقدم هوندو آهي.

صوبائي اڳواڻن جو چوڻ هو ته 70 سال کان پاڪستان کي سيڪيولر ۽ لبرل طاقتون لٽي رهيون آهن، اڳواڻن چيو ته اقتدار ۾ ايندي ئي پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي کي اسلامي اصولن موجب جوڙي ساهه کڻنداسين جڏهن ته لٽيل دولت پاڪستان واپس آڻينداسين.