سائي بورگ جي تخليق ويجهو اچي وئي

news

نيويارڪ: آچر 24 جون 2018ع: ٽرمينيٽر سميت هالي ووڊ جي ڪيترين ئي فلمن ۾ اهڙي مخلوق پيش ڪئي وئي هئي جيڪا هڪ ئي وقت انسان ۽ مشين هئي، ان مخلوق جو بنيادي ڍانچو فولاد، تارن ۽ مختلف اوزارن سان ٺهيل هو جڏه نته مٿان انساني چمڙي هئي.

چمڙي جي مٿان ۽ ان جي اندر رت سان ڀريل رڳون اهڙي طرح هيون جيئن عام انسانن جون هونديون آهن، ظاهري طور تي اها مخلوق بلڪل انسان نظر ايندي هئي، ٽرمينيٽر کان علاوه سائي بورگ نالي فلم ۾ به اهڙو ئي ڪردار شامل هو، انسان 7 مشيني پرزن تي ٻڌل ان مخلوق کي سائي بورگ ئي چيو ويندو آهي.

سائي بورگ جي تصور کي حقيقت جو روپ ڏيڻ لاءِ سائنسدان برادري سالن کان تجربن ۾ مصروف آهي، جڏهن ته ان حوالي سان اهم اڳڀرائي ڪجهه ڏينهن اڳ ئي جاپاني سائنسدانن جي آهي، چيو پيو وڃي ته ان اڳڀرائي سان سپر هيومن سائي بورگ جي تخليق جي راهه آسان ٿي سگهي ٿي.

سپر هيومن سائي بورگ انسان جيان هڪ اهڙي مخلوق هوندي جنهن جي جسم ۾ انساني عضوا ۽ مشيني پرزا هڪ ٻئي سان لاڳاپيل هوندا ۽ اهڙي طرح ڪم ڪندا جيئن اسان جي جسم جا سمورا عضوا ڪندا آهن.

سپر هيومن سائي بورگ جي تخليق طرف جاپاني سائنسدانن جي اهم اڳڀرائي اها آهي ته اهو عضلاتي ريشن ۽ روبوٽ ڍانچي جي وچ ۾ رابطو قائم ڪرڻ ۽ انهن کي هڪ ٻئي سان جوڙڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي.

ماضي ۾ اهڙيون سموريون ڪوششون ناڪام رهيون هيون يا وري پرزن ۽ گوشت جي وچ ۾ عارضي لاڳاپو قائم ٿي سگهيو ٿو، جڏهن ته تازي تجربي ۾ اهو تعلق مختصر کان ڊگهي مدي واري رابطي ۾ بدلجي ويو آهي.

ان کان اڳ ڪيل تجربن ۾ عضوا جانورن مان حاصل ڪيا ويا هئا، ٽوڪيو يونيورسٽي جي صنعتي تحقيق بابت انسٽيٽيوٽ سان لاڳاپيل پروفيسر يوآ موريموتو ۽ سندس ٽيم نئين اپروچ اختيار ڪئي، هن جانورن مان عضوا حاصل ڪرڻ بدران نئين سر عضوا تيار ڪيا، ان جي اها ڪوشش ڪارآمد ثابت ٿي ۽ هو حسب منشا نتيجا حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.

پروفيسر يوآ موجب ان کان اڳ ڪيل تجربن جي دوران سڀ کان وڏي مشڪل اها پيش ايندي رهي ته وقت گذرڻ سان گڏوگڏ عضوا ڪمزور ٿي سڪڙجي ويندا هئا، اڳوڻن تجربن جي ناڪامي جو اهم سبب اهو ئي هو، نئين اپروچ سان اهو معاملو حل ٿي ويو.