مشهور ڊرامي گيمز آف ٿرونز جا اداڪار ڪٽ هيرنگٽن ۽ روز ليسلي شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي ويا

news

لنڊن: آچر 24 جون 2018ع: مشهور ڊراما سيريز گيمز آف ٿرونز وسيلي شهرت حاصل ڪندڙ اداڪار ڪٽ هيرنگٽن ۽ روز ليسلي شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي ويا.

شادي جي تقريب ڪرڪٽن آف رين جي رائن چرچ ۾ ٿي گذري. جنهن ۾ ڪٽ هيرنگٽن فل سئوٽ پهريل هو ۽ سندس ون روس ليسلي اڇي رنگ جو گائون پهريل هئي.

تقريب ۾ گيمز آف ٿرونز جي مشهور اداڪاران پيٽر ڊرنڪليج، ميسي وليمز، صوفي ٽرنر ۽ ايميليا ڪلارڪ پڻ شرڪت ڪئي.

ياد رهي ته ٻنهي اداڪارن وچ ۾  2012ع ۾ گيمز آف ٿرونز جي شوٽنگ دوران ملاقات ٿي هئي. جنهن ۾ ٻنهي اداڪارن هڪ پريمي جوڙي جو ڪردار ادا ڪيو هو.