اٺ سال اڳ فوت ٿيل حاجي ذاڪر اليڪشن ۾ حصو وٺندو

news

ٺٽو: آچر 24 جون 2018ع: ٺٽو ۾ 2018ع جي اليڪشن ڪمال جي هوندي، اهڙي اليڪشن جنهن ۾ 8 سال پهريان پاڻ کي فوتي ڄاڻايل شخص ٻيهر اليڪشن ۾ منظر عام تي اچي ويو.

حاجي ذاڪر حسين ڪلاتري جي ٻيهر زندهه ٿيڻ وارو معجزو اهڙي ريت سامهون آيو ته حاجي ذاڪر 120 گز جا ڦڏي وارا پلاٽ پاڻ کي ڪاغذن ۾ فوتي ڄاڻائي وڪرو ڪيا هئا، جيڪي پلاٽ اڄ به ڪراچي جي ٿاڻي ناظم آباد ۾ ڦڏي جي ڪيسن ۾ ڦاٿل آهن، جنهن مان جان ڇڏائڻ لاءِ حاجي ذاڪر پاڻ کي ضلعي ٺٽي جي علائقي ميرپوربٺورو جي يونين ڪائونسل دريا خان سوهو کان فوتي سرٽيفڪيٽ ٺهرائي ان ڦڏي واري زمين کان پاڻ کي آجو ڪرايو هو، جنهن کانپوءِ حاجي ذاڪر حسين عام چونڊن ۾ حصو وٺڻ لاءِ ٺٽي جي علائقي گهوڙاٻاري ۾ پي ايس 78 تان آزاد اميدوار آهي.